Friday, May 20, 2016

بگو دڙو تاريخ جي آئيني ۾



Abdul Saleem Solangi Roll No: 2k13/mc/06
Improve Feature
بگو دڙو تاريخ جي آئيني ۾

شهدادڪوٽ کان 14 ميل پري بگو دڙو نالي هڪ ويران دڙو آهي، جيڪو اڳ ۾ شهدادڪوٽ ۽ هاڻي قبو سعيد خان تعلقي جو هزارين سال کان قديم ماڳ آهي. انگريزن جي دور ۾ بگي دڙي جي اوڀر طرف ڪجھ سئو گزن جي مفاصلي تي هڪ شهر واقع هو، جنهن ۾ هندن جا دڪان ۽ بازار  هوندي هئي. ان زماني ۾ هن بازار ۾ کاڌي پيتي سميت مڪمل انساني ضرورتن جون شيون ميسر هونديو هيون. 

وڏڙا ٻڌائيندا هئا ته هي شهر ڪاروباري حوالي کان هن شهر جي چڱ خاصي اهميت هوندي هئي ۽ مختلف هنڌن، ڳوٺن کان روزمره جي ضروري سامان وٺڻ ۽ ٻين ڪمن ڪارن سانگي ماڻهن جي اُٺن، بيل گاڏين، گهوڙن ۽ ڏاند گاڏي وغيره ۽ ٻين گاڏين جي وسيلي روانگي  ۽ آمد پڻ تمام تيز هوندي هئي جنهنڪري هي شهر ڪاروباري حوالي کان وڌيڪ
مظبوط ليکيو ويندو هو.

حقيقت ۾ اها ڳالھ واضع نه آهي ته ڪو “بگو” مسلمان هو يا هندو هو، ڪن جو چوڻ آهي ته هي هڪ ٻڍڙي جو آستانو هو جيڪو اتي ئي ختم ٿي ويو تنهنڪري ان کي “بگو دڙو” جي نالي سان سڏيو ويو، پر اڄ ڏينهن تائين ان بابت ڇا صحيح ڇا غلط آهي جو تعين نه ٿي سگهيو آهي. 

شهر جي اوڀر ڏکڻ طرف هڪ ٻيو دڙو پڻ واقع آهي جنهن کي به “بگي” جي ناي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موجود موئن جي دڙي لڳ هڪ ڳوٺ جو نالو پڻ “بگي” آهي، انڪري انهن دڙن ۽ ڳوٺن جي تاريخ کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته آخر هي بگو ڪير هو جنهن جي نالي پٺيان ڳوٺ ۽
شهر جڙيل آهن.

 شهدادڪوٽ جي هڪ مظبوط سياسي سماجي شخصيت ڪامريڊ پلي محمد مڱڻهار پنهنجي لکيل ڪتاب “يادگيريون” ۾ لکي ٿو ته ؛ منهنجي ڏاڏي دائي ڪمالان  ٻڌائيندي هئي ته بگي دڙي تي واقع  دڪانن ۾ اڪثريت هندن جي هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته شروعات کان هندو واپاري لڏي جا ماڻهو هئا. انهن دڪانن تي ڳڙ، مصري، نباتون، ڏونگهي، ريوڙيون ۽ وکرن جو سامان آساني سان ملي سگهندو هو.

انگريزن جي دور ۾ هتي تپيداري حال، پوليس ٿاڻو، اسڪول، سرڪاري ڍَڪ پڻ ٺاهيا ويا. جڏهن ته پراڻي دڙي جي مٿان هڪ پڪين سرن نجو ٺلُھ “اسٽوپا” پڻ اڳ ئي ٺهيل هو، جنهن کي پندرهن کان ويھ سال اڳ مفاد پرست ماڻهن، دولت ڳولي لهڻ
جي خيال کان کوٽائي ڪرائي ۽ ڪيرائي وڌو هو.

اصل پراڻي دڙي تي سيد ٻڍل شاه جي قبر ۽ ڏکڻ طرف کان سيد پريل شاه جي مزار آهي. 1960 واري ڏهاڪي ۾ سائين ٻڍل شاه جي مزار تي هر جمعي تي ملاکڙو، راڳ روپ ۽ ڪوڏي ڪوڏي وغيره جهڙا مزا ٿيندا هئا ۽ شهدادڪوٽ کان سرائي خير محمد مستوئي وٽ پنهنجا ملھ پهلوان هوندا هئا جنهنڪري ان جي  هڪ لاري هلندي هئي ۽ ماڻهو ڪم ڪار سيڙائي لاري ۾ چرهي ملاکڙي تي پهچندا هئا، جيڪا ان وقت جي ماڻهن لاءِ وڏي تفريح ثابت ٿي.

 اهو دڙو جيڪو ستن اٺن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل هوندو هو ۽ زميني سطح کان ٽيهن پنجٽيهن فوٽن جي اوچائيءَ تي هوندو هو جتي هر وقت ميلا متا پيا هوندا هئا، اڄ زميني ڪلر، ٻوڏن ۽ گهربل توجھ نه هجڻ جي ڪري وڃي پٽ پيو آهي. انڪري لاڳاپيل کاتي ۽ حڪومت کي اهڙن قديم ماڳن جي سار سنڀال لهڻ گهرجي ته جيئن اسان پنهنجو وجود برقرار رکي سگهون ڇاڪاڻ ته تهذيب ۽ تمدن قومن جي وجود جو ثبوت هوندا آهن.    

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home