Monday, December 7, 2015

Rise and fall of Manganhars


Shahnawaz Khaskheli
2k14/MMC/48 ( Final year)
Improver ( 1st year 2nd semester )
 منڱڻهارن جو عروج ۽ زوال 
تحقيقاتي رپورٽ

( تحقيقاتي رپورٽ )
 سنڌي ثقافت جي سفيرن منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي، روڊن تي ويهي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ لڳا، ڪيترن ئي دهل، شهنائي ڇڏي ڏنا، ڪيترائي روڊن تي اچي ويا،  جدت جي وڌندڙ  اثرن سنڌ جي هن شاندار ثقافتي جزکي ڪاپاري ڌڪ هنيو، سرڪاري سرپرستي توڙي ماڻهن جو ثقافت کان پري ٿيڻ به زوال جو سبب بڻيل، ماضي ۾ سنڌ جي ننڍي وڏي شادي منڱڻهار فقيرن کانسواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي، ايڪو سائونڊ ۽ شادي هالن جي تيزي سان تعمير کانپوءِ ماڻهو منڱڻهارن فقيرن کي وسارڻ لڳا، اولاد ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقير ساز ڇيڙي ماڻهن کي رقص ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا هئا، دهل ۽ شهنائي جي جڳهه ايڪو سائونڊ ۽ غيرمعياري گانن سنڀالي ورتي،  اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان ۽ مرتبو برقرارآهي،

  تفصيل موجب سنڌ جي ثقافت جو اهم جز سمجهيا ويندڙ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي جدت ڳڙڪائي وئي، ڪيترا ئي شهنائي ۽ دهل وڄائڻ ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ جنبي ويا،  ماضي ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر جي ننڍي وڏي شادي منڱڻهار فقيرن کان سواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي پر موجوده دور ۾ ايڪو سائونڊ ۽ شادي هالن جي تيزي سان تعمير سبب ماڻهو منڱڻهار فقيرن کي وسارڻ لڳا آهن، سنڌ جي ثقافت جو هي اهم جز  پنهنجي فن جي مڃتا نه ملڻ زوال پذيري جو شڪار ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي  منڱڻهار فقير پنهنجي اباڻي ڏنل ورثي کي ڇڏي ٻين ڌنڌن ۾ جنبي ويا آهن، سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ ماڻهن ۾ ثقافت بابت شعور گهٽ هئڻ سبب سنڌي ثقافتي جو هي جز سنڌ جي تقريبن شهرن مان ختم ٿي چڪو آهي،

ڪيترائي منڱڻهار فقير اڄ به پنهنجي فن ۾ ماهر سڃاتا ويندا آهن پر سرپرستي نه هئڻ ڪري اهي روڊن تي شهنائيون وڄائي ماڻهن کي متوجه ڪرڻ تي مجبور آهن،  ماضي ۾ سنڌ  جا ماڻهو اولاد ڄمڻ کان وٺي شادي تائين هر ننڍي وڏي خوشي ۾ منڱڻهار فقيرن کي لازمي گهرايو ويندو هو ۽ ان کانسواءِ تقريب نامڪمل سمجهي ويندي هئي، انهيءِ ۾ منڱڻهار فقير شهنائي تي ڌنون ۽ دهلن تي تالن سان اهڙو ساز ڇيڙيندا هئا جو ٻارن کان وٺي پوڙهن تائين سڀ رقص ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا هئا،  موجوده دور ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ شادين ۾ منڱڻهار فقيرن جي جڳهه ايڪو سائونڊن ۽  غيرمعياري گانن سنڀالي ورتي آهي، جڏهن ته اليڪشن وارن ڏينهن ۾  به سياسي پارٽين جي ريلين ۾ منڱڻهار فقيرن کي گهرايو ويندو هو پر موجوده وقت  سياسي پارٽين جي جلسن، جلوسن ۽ ريلين ۾ ايڪو سائونڊ ۽ ڀنگڙا ڊانس جڳهه سنڀالي ورتي آهي، سنڌ جو ثقافت جو هي اهم جز ماڻهن ۾ ثقافتي  شعور نه هجڻ سبب پڻ زوال پذير ٿي رهيو آهي،

اڄ به سنڌ جي ٻهراڙين وارن علائقن ۾ منڱڻهار فقيرن جو مان مرتبو برقرار آهي، منڱهار فقير پنهنجي فن جي زوال پذيري سبب هاڻ ٻين ڌنڌن کي ترجيح ڏين ٿا، سنڌ جي ثقافت جي هن شاندرن ٿنڀ جي زوال پذير ٿيڻ سان سنڌ پنهنجي شاندار ثقافتي پاسي کان نه صرف محروم ٿي ويندي پر اڌوري پڻ بڻجي ويندي
              
 دهلن ۽ شهنائين جا مخلتف قسم،  گزي محرم ۾، متو شادين ۽ عام پروگرامن ۾ ۽ بنارسي ڪو ڪو وڄائي، وچولي جو وجود ئي ختم،  ڊڍ محرم  ۾ ۽ خوشي ۾ ليوا، جهومر ۽ ٽلو جا تال وڄايا وڄن ٿا.  
 منڱڻهار فقيرن وٽ دهلن ۽ شهنائين جا مخلتف قسم آهن ۽ انهن مان مخلتف قسمن جا ساز ۽ تال مخلتف موقعن تي وڄايا ويندا آهن، گزي شهنائي محرم جي چاليهي تائي، متو شهنائي شادي مرادي ۽ خوشين جي ٻين موقعن تي ۽ بنارسي شهنائي ڪير ڪير وڄائيندو آهي، جڏهن ته ڪجهه وقت وچولي شهنائي پڻ آئي پر جلد وجود وڃائي ويٺي، ان کان علاوه دهلن جا مخلتف قسم آهن ۽ تال آهن، ڊڍ محرم ۾ ۽ خوشي ۾ ليوا، جهومر ۽ ٽلو جا تال وڄايا وڃن ٿا. جڏهن ته وچولي شهنائي ۽ گزي ۾ ڪو خاص فرق ناهي،  

 محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي سنڌ ۾ صرف حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ موجود  
       محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي شهنائي هن وقت سنڌ ۾ صرف حيدرآباد  ڪوٽڙي ۾ موجود، باقي شهرن ان وجود ناهي رهيو.                                                                                                                                                                                                                           
 شهنائي جا مخلتف قسم مخصوص علائقن جا ڪاريگر ٺاهيندڙ، بنارسي شهنائي ڀارت جي شهر بنارس، متو سيالڪوٽ ۽ ملتان، جڏهن ته گزي سنڌ ۾ ٺهي ٿي.
 شهنائي جا مخلتف قسم مخلتف شهرن ۾ ٺهن ٿا ۽ ان کانسواءِ ڪٿي نٿا ٺهن، محرم ۾ وڄائي ويندڙ گزي سنڌ ۾، متو سيالڪوٽ ۽ ملتان ۾، جڏهن ته بنارسي شهنائي ڀارت جي شهر بنارس ۾ ٺهي ٿي.
                                                                                                                                            
 بنارسي شهنائي ۾  گهٽ آواز، متي ۾ ٿورو وڌيڪ ۽ گزي ۾ سنهو ٿئي ٿو.  
    بنارسي شهنائي ۾ گهٽ آواز، سنڌ ۾ وڄائي ويندڙ متي ۾ ٿورو وڌيڪ آواز  ۽  محرم  وڄائي ويندڙ گزي جو سنهو آواز ٿئي ٿو.
روڊن تي دهل ۽ شهنائي رکي ويٺلن کي منڱڻهار تسليم نٿا ڪيون، اهي نقل آهن، ماڻهن کي گوڙ کپي جيڪا روڊن تي  ويٺل انهن کي مهيا ڪري ڏين ٿا، حيدرآباد جا منڱڻهار فقير 
  حيدرآباد جي منڱڻهار فقيرن علي ، اويس، خان محمد ، استاد گلو، سوڍي رحيم بخش، علي مراد ۽ ٻين چيو ته روڊن تي دهل ۽ شهنائي کڻي ويٺلن کي منڱڻهار تسليم نٿا ڪيون اهي نقل آهن، اڄ ڪلهه نقل تمام گهڻو ٿي ويو آهي، ماڻهن کي پڻ گوڙ ۽ شور کپي جيڪو  روڊ تي ويٺل انهن کي مهيا ڪري ڏين ٿا. روڊن ويهڻ اسان جي اصولن خلاف آهي.
 ڪوٽڙي جو استاد عبدالله منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شهنائي وڄائيندڙ، عابده پروين کان وٺي ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان ڳائي چڪو، شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ کان وٺي ڪيترائي ايوارڊ ماڻ چڪو. 
ڪوٽڙي جو استاد عبدالله منڱڻهار پوري پاڪستان ۾ واحد بنارسي شهنائي وڄائيندڙ آهي، ان کان پهريان استاد رنگي خان لاهور وارو بنارسي شهنائي وڄائيندو هو، استاد عبدالله عابده پروين، استاد فتح علي خان، حميره چنا، جلال چانڊيو سميت ڪيترن ئي ناليوارن فنڪارن سان شهنائي وڄائي چڪو، ان کان علاوه استاد عبدالله شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ماڻيا، استاد عبدالله ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ پڻ پرفارم ڪري چڪو  
                                                                                                                             

حيدرآباد جي روڊن تي ويٺل دهل شهنائي وارن پڻ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي نقصان پهچايو، روڊن تي ويٺل اڪثر  پنجاب سان تعلق رکندڙ،
 حيدرآباد جي مختلف روڊن، آٽو ڀان روڊ، لطيف آباد روڊ، ٿڌي سڙڪ روڊ، حسين آباد روڊ ۽ گدو چوڪ سميت مخلتف علائقن ۾ روڊن ڀرسان ويٺل دهل ۽ شهنائي وارن پڻ منڱڻهارن فقيرن جي فن کي نقصان پهچايو آهي، انهن روڊن تي ويٺلن مان اڪثر جو تعلق پنجاب سان آهي ۽ تمام گهٽ پئسن ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندا آهن،  انهن وٽ موجود دهل ۽ شهنائيون پڻ سنڌ جي منڱڻهارن فقيرن کان مختلف آهن ۽ اڪثر هو دهل پنجابي طرز جي ڀنگڙي وانگر وڄائين ٿا  
 ماضي ۾ اولاد جي ڄمڻ کان وٺي عقيقي تائين ۽ شادي جا ڏينهن ٻڌڻ کان شادي تائين منڱڻهارن فقيرن کي بوڪ ڪرايو ويندو هو، ڪنواريتن ڏانهن ويندڙ ڄڃ منڱڻهارن فقيرن کانسواءِ نامڪمل هوندي هئي 
ماضي ۾ سنڌ ۾ اولاد جي ڄمڻ کان وٺي عقيقي تائين ۽ شادي جا ڏينهن ٻڌڻ کان نڪاح تائين منڱڻهارن فقيرن جي ٽولي کي بوڪ ڪرايو ويندو هو ، ان کانسواءَ ڪنواريتن ڏانهن ويندڙ ڄڃ منڱڻهار فقيرن کانسواءِ اڌوري سمجهي ويندي هئي، جڏهن ته نڪاح جي واري ڏينهن فجر مهل گهوٽ کي منڱڻهارن فقيرن جي پروٽوڪول سان شامياني ۾ آندو ويندو هو، جنهن کي ڀسرين جي رسم پڻ چئجي ٿو.
 تعليم يافته ۽ نوڪرين سان وابسته هئڻ باوجود ڪيترن ئي منڱڻهار فقيرن پنهنجي فن کي نه ڇڏيو، اولاد کي تعليم ڏيارڻ سان گڏ فن جي تربيت به ڏيندا آهن،
                                                                                   حيدرآباد جا ڪيترائي تعليم يافته ۽ نوڪرين سان وابسته منڱڻهار فقيرن پنهنجي فن کي نه ڇڏيو، اولاد کي تعليم سان گڏ فن جي تربيت پڻ ڏيڻ لڳا، حيدرآباد جا منڱڻهار فقير پرائمري استاد ظهير منڱڻهار، ڪلارڪ حبيب منڱڻهار ۽ ٻين چيو ته هن دور ۾ تعليم کانسواءِ جياپو ناهي، اسان پنهنجي ڪميونٽي کي تعليم ڏانهن  ڏيان ڏيڻ لاءِ چوندا آهيون ۽ پنهنجي اولاد جي تعليم ڏا نهن خاص ڌيان ڏيندا آهيون ۽ ان کان علاوه پنهنجي اولاد  کي فن جي پڻ تربيت ڏيندا آهيون ، اڄ ڪلهه جي دور ۾ فن تي گذارڻ مشڪل آهي ان لاءِ فن صرف اسان ورثي طور سنڀالي رکون پيا. 


Shahnawaz Khaskheli

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home