Friday, May 20, 2016

عبدالمنان چانڊيو : سماجي ڪارڪن۽ ليکڪ

Writer's name is missing. U are in final year, atleast u should know how to send an assignment for which i have repeatedly asking. According to that criteria this should not be accepted.
 Profile should also carry foto

سماجي ڪارڪن۽ ليکڪ عبدالمنان چانڊيو
سون ورني سنڌوسڀيتا پنهنجي ڪُکِ مان ڪيتريون املھ انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي وس وِتِ آهر خدمت خلق سماجي خدمتون سرانجام ڏئي پنهنجي سماجي ڪردار نڀايو آهي. اهڙن کاهوڙي ڪردارن ۾ سنڌ جي اترين علائقي جي شهر وارھ جو رهواسي ڪامريڊ منان چانڊو به هڪ آهي. جنهن زندگيءَ جون 40 بهارون سماجي خدمتن ۽ ناانصافين جو شڪار ماڻهن جي بنيادي حقن جي لاءِ پاڻ پتوڙيندي گذاري آهي ۽ زندگي جي حقيقي نصب العين انسانيت جي خدمت جو جذبو ساھ جي سڳي تائين ڪرڻ جو وچن ڪيو اٿئين. ڪامريڊ جسماني بدني بيهڪ ۾ سنهڙو ۽ ڊگهو جيترو آهي ان کان وڌيڪ پنهنجي حياتي ۾ ڪميٽيڊ وڌيڪ آهي جنهن جو واضع مثال سماج ۾ موجود بي پهچ ماڻهن جي مسئلن لاءِ مسئلن جي حل تائين جدوجهد ڪرڻ آهي.ماڻهو ته دنيا ۾ ڪروڙن ۾ پر انسانيت جي خدمت ڪرڻ وارا گهٽ. ڪامريڊ منان هڪ سماجي ڪارڪن سان گڏ سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي روزاني بنياد تي سنڌ جي مطتلف سنڌي اخبارن ۾ آرٽيڪل ۽ ڪالم به لکندو آهي.جنهن ڪري سندس قلم جي ڪاريگري به سٺي اٿس.
ڪامريڊ عبدالمنان چانڊئي 7 مارچ 1960ع ۾ وارھ ڀرسان ڳوٺ ڳاڙهي جاگير ۾ سعد الله چانڊيو جي گهر ۾ جنم ورتو.بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان پرائي پر بدقسمتيءَ سان وڌيڪ تعليم نه پرائي سگهيو. ايتري تعليم هئڻ جي باوجود ان کان وڌيڪ محنت، جدوجهد ڪري سماجي مسئلن ۽ سماج سڌارڪ نمائندو ٿي ڪم ڪرڻ ڏکيو عمل آهي.اهو ٻڌائي ٿو ته هن ننڍپڻ ۾ مال چاريو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم پڻ ڪيو. 1980ع ۾ سندس واسطو تنهن وقت ۾ وارھ جي مشهور حڪيم۽ سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر قاضي غفار سان ٿيو. جنهن جي صحبت ۾ اچي ڪامريڊ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺي هارين نارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳو.1983ع ۾ جڏهن ملڪ جي هڪ وڏي تحريڪ ايم آر ڊي جنم ورتو ۽ماڻهن سان ناانصافيون وڌيون ته هن احتجاج ڪيو جنهن سبب کيس 13 سيپتمبر 1983ع ۾ گرفتار ڪري ڏيڍ سال سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ڪيو ويو. ان بعد هن سماجي جدوجهد تان هٿ نه کنيو.اُنَ کان پوءِ هي ريڊيو جي پروگرامن ۾ خطن وسيلي شامل ٿيندو رهيو، ۽ هن جو ادب سان واسطو ۽ چاھ وڌنڌو رهيو. 2007ع ۾ ڪامريڊ عبدالمنان چانڊئي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس سوين ڪالم مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪا آهن. هن پنهنجي ڪالمن سماجي مسئلن ۽ ڪرنٽ اشوز تي لکندو رهي ٿو. علائقي جا ماڻهو احترام جي نگاهن سان ڏسندي هر سماجي ڪم ۾ دعوتون ڏين ٿا ۽ هو جاگير سان واسطو رکڻ جي باوجود به بي ڊپو ٿي سماجي ناانصافين خلاف آواز اٿاري ٿو.
ڪامريڊ عبدالمنان چانڊيو شهري ائڪشن ڪاميٽي جو عهديدار پڻ رهي چڪو آهي. هن پنهنجي نياڻين کي تعليم جي اعلي زيور سان نوزيو آهي سندس فرضند عرفان چانڊيو هڪ بهترين نوجوان شاعر آهي. هو ٻڌائي ٿو ته مون سماجي خدمتن سبب مون جيڪو ڀوڳيو آهي ۽ تڪليفن کي منهن ڏنو آهي ان تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي.مان هن سماج کي براين کان پاڪ صاف ڏسڻ چاهيان ٿو. سندس اولاد جو چوڻ آهي ته اسان کي فخر آهي ته بابا سائين اسان کي شعور ڏنو ۽ سماجي خدمتن سبب ملي آهي. جيڪا اسان جي لاءِ قابل فخر آهي. هن پيغام ۾ چيو ته هتان جي مظلوم قوم جي حلالي فردن ئي اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي ۽ پاڻ ۾ ايڪو اتحآد جوڙي جهان ۾ محبت ۽ ڀائيچاري سان رهڻ گهرجي. نفرتن جا ناگ ماري محبتن جي پرچار ڪجي جيڪو انسانيت جي درسگاھ جو پهريون ۽ آخري سبق آهي.


Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home