Friday, May 20, 2016

سماج ۾ اڻبرابريءَ جو شڪار عورت

It is strange, u are final year student, u  do not know to send ur pieces with proper and correct file name, 
Writer's name is not mentioned. Once it is downloaded how can  it could be identified that its ur write-up.  
I am afraid this topic is not approved. It is too general, nothing specific

سماج ۾ اڻبرابريءَ جو شڪار عورت
ڪائنات جي عظيم تخليق عورت آهي ۽ عورت نئين زندگي جي تخليقار آهي. ڪائنات جي مڙِني رازن تان پردو کڻڻ ۾ مرد اڳڀرا آهن ته انهن مردن جي ڪاميابيءَ ۾ هڪ ڪامياب عورت جو هٿ هوندو آهي جيڪي وشال دنيا ۾ جهاتي پائي قدم قدم تي فطرت جي سونهن سرهاڻ سرشتن  کي وحشي دور ،پٿرن جي دور کان شمسي نظام تائين پهچي چڪا آهن. اوائلي (اَمَاڻَي) دور ۾ عورت گهر جي وَڏَ ڌَياڻي(مالڪ) هئي ۽ سندس مرد حڪم جا تابع هوندا هئا.انهي بدتهذيبي واري دور ۾ عورت دنيا جي شاهڪار تخليق زراعت کي نِکاريو جڏهن تميز کان ناواقف مرد شوق شڪار جي ڌُنِ ۾ مصروف هو.انهي دور جي خاتمي کانپوءِ بيٺڪي مرداڻي سماج جا پير پختا ٿيا جيڪي اڄ تائين عورت تي به مالڪياڻو هٿ رکندي پنهنجي چَنبَي ۾ قابو ڪيون ٿا اچن. مرداڻي سماج جي شروعات کان ئي عورت کي ڪمتر جي طعنن سان پُٺِ تي ڪرڻ جون ڪوششون هلنديون پيون اچن. ماضيءَ ۾ عورت کي زنده پوريو وينديو هو، ان سان مرد وحشي جانورن جهڙو سلوڪ ڪندا هئا، عورتن جي عصمتن کي  حوس جي نشانو بڻائي قتل ڪندا آهن ماضيءَ ۾ عورتن کي تلوارن،ڪاتن ۽ ڀالن سان ماريو ويندو هو پر جديد دنيا ۾ انسانيت جي اوپري سماج ۾ عورت کي بارود جي گندرف سان ڳڀاڳڀا ڪري لاش لوڙهيا ٿا وڃن، بنا ڪفن جي دفن ڪيو ٿو وڃي، معصوم گلن جهڙين نينگرين کان وٺي شادي شده عورتن سان زيادتيون، تشدد، هُٽنگِ، حراسمينٽ ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي. اهي جهالت واري دور جي وحشي روايتن جي پيروي ڪندي پنهنجي ڀينرن،مائرن کي بندوق جا فائر ڪري ابدي ننڊ سمهاريو ڇڏن، مڙس به زالن کي ڪاروڪاري جو الزام مَڙهي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏن ٿا. گهر جي چوديواريءَ ۾ به عورت کي گهر جي قيدياڻي کان مٿي جو مقام ناهي ملي سگهيو. سنڌي تهذيب يافته سماج ۾ اڄ به اهي بدتهذيبي واري دور جون روايتون جاگيردارن،وڏيرن، سرمائيدارن جي سوچ سان نافظ آهن جن پنهنجون جاگيرن ۾ قبضا ڄمائي رياست جي قانون کان انڪاري ٿي راڄوڻي فيصلي نالي سان ذاتي عدالتون جوڙي رکيون آهن جن جي ذمري هيٺ انصاف بجاءِ اهي ظلم جا وڌيڪ حامي رهيا آهن ۽ تاريخ به گواهي ڏيندا ته اهي ظالم جاگيردار هر سطح ،هر طرح تي سنڌين کي قبضي ۾ ڪري موئن جي دڙي واري ڌرتي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. انهن جاگيردارن پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙن کي ڳولهي ڳولهي قتل ڪرايو به آهي ته پنهنجي ذاتي جيل ۾قيدي به بڻايو آهي.
اڄ جي سنڌي سماج  اندر عورتن جي خلاف ڪڌيون ريتون، رسمون، جوڙي انهن کي شعوري،تحقيقي، حقيقي علم جي حاصلات کان پري به رکيو ويو آهي ته سندس مٿان تهمتون هڻي گهر تائين محدود رهڻ جو پابند بڻايو ويوآهي. عورتن کي نفرت انگيز جملن جيئن“ عورت کي کڙيءَ ۾ عقل هوندو آهي“،عورت بيوقوف هوندي آهي، عورت ڪا به ڳالھ ڳجهي ناهي رکندي، عورت ساڙيلي هوندي آهي، مرد تي شڪ ڪندڙ “ جي طعنن سميت مختلف فقرن سان تنقيد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، جنهن ڪري سندس اندر ئي اندر ۾ پئي سڙندي آهي. عورت کي ڪنهن به ڪم ۾ اتساهڻ بدران مرد حضرات رنڊڪ بڻبا آهن. عورتن کي تعليمي ادرن، آفيسن، سفر دواران ۽ ٻين زندگي جي روزمره مرحلن ۾ لاڳاپا رکڻ لاءِ هٽنگ سان گڏوگڏ حراسمينٽ ڪري لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪيو ويندو آهي، انهي وجهه ڪري عورتون آفيسون،تعليم جي حاصلات کي به الوداع ڪري گهر مايوس ۽ خاموش ٿي ويهن ٿيون. عورتن کي مردن پنهنجي ڏاڍ جبر هيٺ تشدد جو نشانو بڻائي مظلوميت جو نشانوبڻايو ويو آهي.
انساني حقن جي تنطيمن۽ حڪومت کي گهرجي ته عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد ڪندڙن کي سزا ڏئي، عورتن کي بنيادي انساني جيئڻ جا حق ۽ آزادي ڏني وڃي،عورتون مردن برابر جيئڻ نه بلڪه انساني حقن جي برابري جي بنياد تي فطرت جي آزاد ماحول ۾ جيئڻ چاهن ٿيون.


Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home