کپرو بنيادي سهولتن کان وانجهيل
Khipro
کپرو بنيادي سهولتن کان وانجهيل
نور الزمان هنڱورجو

کپرو شهر جنهن کي اڇڙي ٿر جو گيٽ وي ڪري سڏيو ويندو آهي، ان ۾ نه ته پئيڻ جو صاف پاڻي ماڻهن کي فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ نه وري شهر ۾ ڊرينيج جو نظام صحيح آهي، هر هنڌ گندگي جا ڍير آهن، روڊن رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻهو گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن،
کپري ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي شرح زيرو آهي، گهڻا اسڪول ورهين کان بند پيل آهن ۽ جي ڪو اسڪول هلي به ٿو ته
پرائمري کان سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تائين اسڪولن جو عمارتون تباهه آهن، ٽيڪنيڪل ڪاليج جي عمارت بلڪل ئي تباهه ٿي وئي آهي، ڊگري ڪاليج جي چوديواري ڪري پئي آهي،ان ۾ شاگردن کي پڙهائڻ بدران استاد ڪچهريون ڪري هليا وڃن ٿا،
سرڪاري اسپتال ته آهي پر ان ۾ مريضن جو مفت علاج نٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر مرضي جا مالڪ آهن ۽ مريضن کي سرڪاري خزاني مان ملندڙ هڪ دوا به مفت نٿي ڏني وڃي، اسپتال ۾ صفائي جو ڪو انتظام ناهي، ڊاڪٽر ذاتي ڪلينڪون هلائڻ ۾ پورا آهن،
شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو به وڏو آزار آهي، سوين غيرقانوني ڪلينڪون قائم آهن،
شهر جا مين روڊ تباهه آهن، گهٽن به هلڻ لائق ناهن، روڊن جي مرمت ۽ شهر جي خوبصورتي لاءِ ملندڙ سموري بجيٽ هضم ڪئي وڃي ٿي، ڪامورن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، شهر ۾ ڪا به لائبريري ناهي، جنهن ڪري نوجوان کي پڙهڻ لاءِ ڪا آسائش واري جڳهه ميسر ناهي، پارڪ ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن ۽ انهن جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن،
شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، گئس جي سهولت ناهي، پي ٽي سي ايل جو نظام به درهم برهم آهي.جنهن لاءِ دانهڻ باوجود اختيارين ۽ سرڪار طرفان نوٽيس ناهي ورتو ويو، ٽرانسپورٽ جا اڏا شهر ۾ قائم هجڻ ڪري شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، روڊن رستن جي پاسن تي ماڻهن قبضا ڪري دڪان اڏائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، حددخلين جي آزار سبب به ماڻهن کي عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو، منشيات جو وڏو آزار آهي، چوريون ۽ ڦرون عام ڳالهه ٿي وئي آهي،
اهڙي صورتحال باوجود اختيارين هن وقت تائين شهر جي ترقي ۽ خوبصورتي لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ۽ نه وري چونڊيل نمائندن طرفان ووٽرن کي سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪا گرانٽ منظور ڪرائي وئي آهي، شهرين جي دانهن جو به ڪو داد ڪرڻ وارو ناهي، جنهن ڪري کپرو واسي ننڌڻڪائپ واري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ بنيادي سهولتون خواب بڻجي ويون آهن. ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري به شهر جي حالت
خراب آهي، جنهن جو به هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو.
Labels: Khipro, نور الزمان
0 Comments:
Post a Comment
Subscribe to Post Comments [Atom]
<< Home