Sunday, May 22, 2016

ايوب گل - نورالزمان هنڱورجو

Ayub Gul
Interview
نورالزمان هنڱورجو

ايوب گل
سھڻي سنڌ ڪجھ اھڙن ماڻھن کي جنم ڏنو آھي، جيڪي گھڻ پاسائي شخصيت جا مالڪ فطرت ۽ انسانيت سان بي انتھا محبت ڪندڙ آھن.  چاھي تعليمي ميدان ھجي، ادبي فيلڊ ھجي، صحافت جو پيشو ھجي، ھن ھر سطح تي پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. اھڙن ماڻھن جي خدمتن کي اسان ڪڏھن به وساري ن ٿا سگھون اھڙين ئي شخصيتن مان ايوب گل به ھڪ آھي. جنھن جو اصل نالو محمد ايوب راڄڙ آھي. نظام الدين برڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، ڳوٺ چونرو ۾ اک کوليندڙ ايوب گل پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم ھٿونگو مان حاصل ڪيائين، انٽر دگري ڪاليج کپرو مان ڪرڻ کان پوء بي اي ڪاليج سائيڊ ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، ايوب گل کي ننڍپڻ کان ڪتابن سان عشق ھو، آکاڻين ۽ قصن ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو شوقين ايوب گل اڃان مئٽرڪ ۾ ئي ھو ته ھن نظم، غزل، شعر، ۽ چو سٽا سرجڻ شروع ڪيا، ڪھاڻين کي به لفظن جو شعور ڏنائين، سندس غزل ۽ نظم ان وقت شايع ٿيندڙ  ماھوار رسالن ۾ ڇپجندا رھيا. 1998 ع ۾ ھن ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جو سفر شروع ڪيو، جتي ھن کي ادبي دنيا ۾ نالو رکندڙ اديب ۽ دوست مليا، جنھن جي سٿ ۾ رھي ھن کي اڃا وڌيڪ ساعري سان لڳاء ٿي ويو، حيدرآباد ۾ روزاني الک اخبار ۾ 1999 ع واري وقت ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي، روزانه تعمير سنڌ ۾ به سب ايڊيٽر رھيو. روزاني سنڌو ۾ 2001 کان 2003 تائين سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، 2004 کان 2007 تائين ڪوشش ۾ ڪالم نگار ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو. 2007 کان 2009 تائين ڪاوش جو شوبز رپورٽر رھيو. 2011 کان 2014 تائين ڪي ٽي اين انٽرٽينمينٽ تي اسڪرپٽ انچارج رھيو ۽ سنڌ ٽي وي تي به ھڪ سال اسڪرپٽ انچارج طور ڪم ڪيائين، 2015 کان 2016 تائين وري ڪي ٽي اين اسڪرپٽ انچارج رھيو، حيدرآباد ۾ صحافت ۽ شاعري سان گڏ ھن سماجي شعور لاء ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏ ٿيٽر، اسٽريٽ ٿيٽر لکيا ۽ اداڪار طور پرفارم به ڪيو، ڪي ٽي اين تي سندس 9 گيت رڪارڊ ۽ نشر ٿي چڪا آھن، ايوب گل ٻن فلمن ڀڳت ڪنول رام ۽ بازاار جو خالق، 200 کان وڌيڪ سولو پليز جو تخليق ڪار، 50 کان وڌيڪ سوپ ۽ مني سيريلز توڙي 20 ڊيز جو خلقڻھار پڻ آھي، سندس ٽي شاعري جا ڪتاب، رنگن جي خانا بدوشي، سمنڊ ٿو مونکي سڏي ۽ ھن مونکي ڇڏي ڏنو، جيڪي 2011، 2012 ۽ 2013 ۾ ڇپيا. سندس 2 ڪتاب چنڊ منھنجو وطن ۽ روشنا ڇپائي ھيٺ آھن، ايوب گل کي شاعري فڪشن، ڊراما رائيٽر (بھترين) جا ايوارڊ ملي چڪا آھن. ھن وقت ھو آواز ٽي وي لاء ڪم ڪري رھيو آھي ۽ شھري آسائش کي ڇڏي ڳوٺاڻي زندگي گذاري رھيو آھي. سندس مشھور سوپ سيريلز ۾ ڪومل، ڪورو ڪاغذ، ڪونجون، ڪير ته لھندو سار، دل پرايو ديس، روپلو ڪولھي، ڇاجو عشق، زندگي، ھوء اڪيلي، ڇوليون، ڪچا رشتا، ڪوته اھڙو ھجي، مور جو کنڀ، ڪجھ اڌورا خواب، مھندي رتا ھٿ، ڪي ٽي اين آواز ۽ سنڌ ٽي وي تي آن ايئر ٿي چڪا آھن. 
ايوب گل صحافت، ڊرامه نويسي ۽ شاعري سان گڏ سماجي ورڪر پڻ رھيو آھي. ھو سدائين ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ جيئندڙ ماڻھن لاء سھارو پڻ بڻجندو رھيو آھي، ڪنھن به سماج کي ترقي ڏيارڻ لاء لازمي آھي ته ڪجھ پڙھيل لکيل ماڻھو سجاڳي جو سج اُڀارڻ لاء اڳيان اچن ٿا، اھڙن ئي ماڻھن ۾ ايوب گل پڻ شامل آھي. 


 نور الزمان هنڱورجو
انٽرويو
فقير دين محمد ڪنڀار کپري تعلقي جي ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي، اتان ئي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، مجبورين سبب اڳتي تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيائين، جواني ۾ سياست ۾ آيو، پ پ بعد جيئي سنڌ سان لاڳاپو رهيو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي، فقير دين محمد ڪنڀار سماجي طور تي به پاڻ مڃايو، خاص ڪري هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪيائين، هن وقت به هو سنڌ سان عشق سان گڏ سماج جي ڀلائي لاءِ هر محاذ تي اڳڀرو هوندو آهي. سورهيه بادشاهه جي شخصيت کان متاثر ٿي فقير سڏايائين، کيس ڪامريڊ ڪري به ڪوٺيو ويندو آهي.
سوال 1. اوھان ڪڏھن ۽ ڪٿي جنم ورتو؟
جواب: 1946 ع ۾ ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي.
سوال 2. اوھان جي تعليم ڪيتري آھي ؟ 
جواب: آئوڻ پنج درجا پاس آھيان.
سوال 3. اڳتي ڇو نه تعليم حاصل ڪئي، ۽ ڪو سبب؟ 
جواب: والده پھرين گذاري وئي ھئي ۽ والد نابين ھو، ۽ والد کي فالج به ٿي پيو، ان جي سنڀال لاء ڪو ب نه ھو. ان ڪري مونکي تعليمي سفر ڇڏڻو پيو. 
سوال 4. اوھان ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيو؟
جواب: ھا، بلڪل پنجين ڪلاس کان پوء پنھنجو اباڻو ڌنڌو ڪنڀارڪو سکيو، ڪنڀار برادري جي مختلف ڪاريگرن کان ۽ ڪافي سالن تائين مٽي جي ڪم سان سلھاڙيل رھيس ۽ ٺڪر گڏھ تي کڻي ڳوٺن ۾ کپائيندو ھيس
سوال 5. ان وقت مٽي جي ٿانون جو ملھ ڇا ھوندو ھو؟
جواب: ان وقت دانگي جو ملھ 4 آنا، گھڙو 6 آنا ۽ ڪنو 10 آنا ھوندو ھو. 
سوال 6. اوھان سياست جي شروعات ڪڏھن ڪئي؟ 
جواب: سياسي شعور ايوب خان جي مارشلا دوران مون وٽ اچي چڪو ھو. ايوب خان جي حڪومت کان پوء بلڪل سياست ذوالفقار ڀٽي جي پارٽي سان شروع ڪئي.
سوال 7. اوھان  جي ڪڏھن سائين جِي ايم سيد سان ملاقات ٿي؟
جواب: ھا، بلڪل ھڪ ڏينھن عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر مون وٽ آيا ۽ موکي سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاء چيائون ته ھل سائين جي ايم سيد سان ملي اچون، آئون جمن ۽ آريسر صاحب سان گڏ ملڻ لاء نڪتس مونکي دل ۾ اھو خيال آيو ته سائين جي ايم سيد وڏو ماڻھو آھي ۽ ٺٺ سان ھوندو ۽ ظاھر آھي ته پنھنجي ليول جي ماڻھن کي ئي اھميت ڏيندو پر اتي وڃي ڏسان ته سائين جي ھٿ ۾ ڀاڄي جو ڏونگھو ھجي ۽ ماني کارائڻ لاء آيل قومي ڪارڪنن جي مٿان سروس ڏئي رھيو آھي، جمن مونکي ٻڌايو ته سائين اھو آھي، آئون ان سروس کي ڏسي پھرين جھلڪ ۾ ئي متاثر ٿي ويس ۽ پارٽي جي بيت مون سائين کان ئي وٺڻ جي لاء سائين کي عرض ڪيم ۽ سائين مونکي خود حلف کڻايو.
سوال 8.  ڪا اھڙي غلطي جنھن ۾ اوھان کي پڇتاءُ ھجي؟
جواب: تاريخي غلطي اھا ڪين ته سائين جي ايم سيد جي صف مان نڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو ھيس. 
سوال 9. اوھان لا جي طور تي ڪھڙا ڪم ڪيا ؟
جواب: ھيومن رائيٽس ڪميشن جي عاصمه جھانگير، آغا نور ناز، شڪيل پٺاڻ، سائين علي حسن ( نمائنده بي بي سي) انھن سان گڏجي ھيومن رائيٽس ڪميسن جي گرائونڊ تان ھاري بازياب ڪرائڻ لاء مون ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان شروعات ڪئي، ھاري طبقي جو فرد ھيس ۽ ان ڳالھ جو احساس ھيو.
سوال 10 . اوھان ڪڏھن اليڪشن وڙھي؟
جواب: ھا، 1997 ع ۾ عمر ڪوٽ جي پي ايس جي سيٽ تي آزاد اميدوار بيٺس مونکي لالچون به ڏنيون ويون ۽ آڇون به ٿيون پر مون اھي ئي لفظ چيا ته منھنجي ضمير ڪي خريد ڪرڻ وارو نوٽ اڃان پريس ۾ ڇپيو ڪونھي.
سوال 11. اوھان ڪو ڪتاب لکيو؟
جواب: ڪتاب لکان پيو زندگي جا باري ۾ جيڪو انڊر پراسس آھي.
سوال12. سياست ۽ صحافت بابت ڇا راءِ آھي؟ 
جواب: ايمانداري، محنت ۽ ميرٽ تي صحافت ڪرڻ گھرجي.
سوال 13. اوھان فقير جو تخلص پنھنجي پاڻ کي ڇو ڏنو آھي؟
جواب: شھيد سورھيه بادشاھ سان متاثر ٿي فقير سڏايم.
سوال 14. نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: نوجوانن کي پڙھائي ۽ نوڪري دوران انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي ۽ ٻين جا ڏک سور ونڊڻ گھرجن.

#Ayub Gul
#NoorulZaman 

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home