Friday, May 20, 2016

ڄامشورو ڦاٽڪ تي ٽريفڪ جو نظام

Writer's name, roll number, class etc are missing. file name is wrong.
is it feature or article? u did not mention. At least on this stage u should know  how to file assignment.
ڄامشورو ڦاٽڪ تي ٽريفڪ جو نظام۽ آزار ۾ ڦاٿل عوام

ڄامشورو سنڌ جو واحد ضلعو آهي جنهن اندر ٽي وڏيون مادري علمي يونيورسٽيون آهن جن ۾ پوري سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن توڙي ٻاهرين ملڪن مان به شاگرد پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِعلم جو  فيض پرائڻ اچن ٿا. جيڪڏهن هن ضلعي ڄامشوري جي انفراسٽرڪچر کي ڏسجي ته هن شهر جو نظام ڪو خاص ناهي. هتي رهندڙ عوام بنيادي سهولتن (بجلي،پاڻي) جي اڻهوند سبب پريشان آهي. ان کان علاوه جيئن ته هي شهرٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جو مشهور هاءِوي گذري ٿو، جنهن جو نالو انڊس آهي جيڪو ڪراچي کان سنڌ جي ٻين وڏن شهرن دادو لاڙڪاڻو تائين وڃي پهچي ٿو۽ اتان کان ئي ڪوئيٽيا، راولپنڊي ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ڏانهن به انهي رستي گاڏين جي اچ وڃ ٿئي پئي. ان حساب سان هاءِوي تي گاڏين جي اچ وڃ تمام گهڻي آهي، جن ۾ سون جي تعداد ۾ ڪوچز، ٽرڪون، ٽرالر، هزارن جي تعداد ۾ ڪارون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي وڏيون ۽ ننڍيون گاڏيون اچن ۽ وڃن ٿيون.انهن  جي حساب سان انهن گاڏين جي اچ وڃ سبب ڪيترن ئي شهرن(جيڪي انڊس هاءِوي تي واقع آهن) تي ٽريفڪ جو جام ٿيڻ وڏو آزار آهي.ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڄامشورو جي ٽريفڪ جو مسئلو تمام گهڻو اهم آهي ڇاڪاڻ ته هن ريلوي ڦاٽڪ ريلوي جي موجودگي سبب سور مڙئي سوايو آهي.جڏهن ڦاٽڪ ريل جي گذر سبب  بند ٿيندو آهي ته پوءِ عوام جيڪو هونئن ته ڪيترن ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي پر جن کي جلدي پنهنجي گهر،آفيس ۽ شاگردن کي يونيورسٽين، اسڪولن ۾ وڃڻو هوندو آهي ته انهن کي به دير ٿي ويندي آهي ته وري ڪن کي ڪم ڪار سانگي مزدوري ڪرڻي هوندي آهي ته ڪن کي اسپتال وڃڻو هوندو آهي سو ٽريفڪ جي جام هئڻ سبب وقت تي پهچي نٿا سگهن هي ٽريفڪ جو نظام آهي ته جنهن سبب مريض جنهن کي لمس اسپتال ڏانهن علاج لاءِ ويندا آهن ته وقت سر اسپتال ناهن پهچي سگهندا ۽ پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويهن ٿا. ڄامشورو ڦاٽڪ تان چار رستا( چونڪ) ، جيڪي مختلف شهرن ڏانهن وڃن ٿا، هڪ سنڌودرياءَ جي المنظر وٽان ٿيندو حيدرآباد ويندو آهي ته ٻيو رستو ڪراچي ڏانهن ۽ ٽيون اتر سنڌ ڏانهن ۽ چوٿون لمس اسپتال ڏانهن.انهن چئن رستن تي سواري ايتري ته آهي جو ڳڻپ جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي. ٻئي وڏي ڳالھ اها آهي ته هتي سوارين جي گهڻي آمدروفت آهي ان باوجود به هتي ٽريفڪ سگنل به ناهي لڳايو ويو. سواري جي سبب ڪيترائي حادثا پيش آيا آهن جن ۾ نوجوان پوڙها پڪا جانيون وڃائي ويهن ٿا.

جڏهن ته هتي ڊبل روڊ پڻ آهي پر هن شهر ۾ روڊن تي واقع حددخلين سبب گاڏين جي روانگي ۾ رڪاوٽ پيش اچي ٿي، ٽريفڪ جي جام ٿيڻ سبب ، گاڏين جو تيل به تقريبن ليٽر تائين ضايع ٿي وڃي ٿو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين انتظار ڪرڻو پئجي وڃي ٿوجيسيتائين ٽريفڪ جو جام ٿيڻ ٽٽي سو ان جو حل فلائي اوور پل موثر ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن ڦاٽڪ جي چونڪ مٿان فلائي اوورجوڙي وڃي ته ٽريفڪ جام ٿيڻ جو مسئلو ڪافي حد تائين گهٽجي ويندو. جڏهن ته هن شهر ۾ هيڏيون وڏيون مادر علمي يونيورسٽيون پڻ موجود آهن ته ان حوالي سان حڪومت کي به ان تي سنجيدگي اختيار ڪري سوچڻ گهرجي ته هن شهر کي سنوارين۽ ٽريفڪ بابت موثر حڪمت عملي تيار ڪم جنهن سان عوام ٽريفڪ جي آزار مان جند ڇڏائي.

Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home