Sunday, May 22, 2016

پرائيويٽ اسڪول غريبن لاءِ آزار

It is very short,  no particular area is focussed, lacks figures and facts, expert opinion, Reports 
پرائيويٽ اسڪول غريبن لاءِ آزار
نور الزمان

ڪو وقت هو جڏهن اسڪولن جي وڏي اهميت هوندي هئي ۽ درسگاهه ۾ موجودگي دوران ڪو به اهڙو عمل ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو، جنهن سان ان عظمت کي ڇيهو پهچي ۽ يا وري پڙهائي متاثر ٿي، پر هاڻي ائين ناهي رهيو، هاڻي سرڪاري اسڪول ته موالين جون آماجگاهون ۽ استادن جي لاءِ ڪچهرين جو مرڪز بڻجي ويون آهن، پر خانگي اسڪول به صرف ڪمائي جو ذريعو ئي نظر اچي رهيا آهن، جن ماڻهن کي پاڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ نٿو اچي اهي اسڪول کولي رهيا آهن، وڏن نالن سان اسڪول کولي وڏي پبلسٽي ڪئي وڃي ٿي ۽ وڏيون فيون ورتيون وڃن ٿيون پر اسڪولن ۾ پڙهائي زيرو هوندي آهي.

 خوبصورت عمارتن ۽ وڏن نالن جي پويان ڪجهه به ناهي هوندو، امير ماڻهو وڏن اسڪولن ۾ ٻارن کي موڪليندا آهن ۽ مڊل ڪلاس جا وري پنهنجي ليول جي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائيندا آهن، سنڌ جي هر شهر جي هر گهٽي ۾ اوهان کي خانگي اسڪولن ملندو، استاد ميٽرڪ پاس هوندا، پرنسپال جي بي اي پرائيويٽ سائيڊ کان ٿيل هوندي، شاگردن کي پڙهائڻ جو ڪو ڏانءُ نه هوندو اٿن ۽ نه وري لينگيج جيڪا استعمال ڪئي ويندي آهي، ان ۾ ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته ان جو اثر شاگردن تي ڪهڙو پوندو،

سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا خانگي اسڪول پڙهائي جا مرڪز نه پر پئسا ميڙڻ جا مرڪز بڻيل آهن، جتي وڏين فين سان گڏ ڪورس جا ڪتاب ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، ڊريس ٽيڻي قيمت تي ملندي آهي ۽ ٻارن کي ايترا ته اجايا خرچ ڪرايا ويندا آهن جو غريب ماڻهو ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا آهن، جون جولاءِ جون موڪلون ٿين ته ايڊوانس ۾ في ورتي ويندي، امتحان جي الڳ هوندي ۽ سيمسٽر امتحان جي في وري ڌار ورتي ويندي، خبر ئي ناهي پوندي ته اصل ۾ في آهي ڪيتري، پهرين ڪلاس جي ٻار جي في 1500 هوندي ته انٽر واري کان 5000 هزار ورتا ويندا پر پهرين ڪلاس کي پڙهائڻ واري ماستر کي پگهار 3000 هزار ملندي ۽ انٽر واري 5000 هزار ملندي، گهٽ پگهار کي مقرر ٿيندڙ ماسترن کي پڙهائڻ به ناهي ايندو ۽ نه وري اهي ٻارن کي ڪجهه سيکاري سگهندا آهن، جنهن ڪري ٻارن کي صرف هٿرادو مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويندو آهي، جيڪي اڳتي هلي ڪنهن به ڪم جا ناهن رهندا ۽ انهن کي سنڌي پڙهڻ ته بلڪل ئي ناهي ايندي، ايجوڪيشن کاتي طرفان اسڪولن کي لائسنس ته جاري ڪيو ويندو آهي پر انهن جي مانيٽرنگ ناهي ڪئي ويندي، آڊٽ جو به ڪو نظام ناهي هوندي، جنهن ڪري غريب ماڻهن بنا سبب هزارين روپيا ڀريندا آهن، اسڪول وارا ته امير ٿي ويندا آهن پر ٻارن جي پڙهائي زيرو هوندي.

Labels: ,

کپرو بنيادي سهولتن کان وانجهيل

Khipro
کپرو بنيادي سهولتن کان وانجهيل
نور الزمان هنڱورجو

اڄ جڏهن دنيا چنڊ تي گهر اڏڻ ۽ خلا ۾ آباد ٿيڻ جو سوچي رهي آهي، اهڙي ويلا ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ روينيو ڏيندڙ صوبي جو هڪ شهر اهڙو به آهي، جنهن جي رهواسين کي ڪا به بنيادي سهولت ميسر ناهي ۽ اهي عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، انهن وٽ ڪا اهڙي سهولت ناهي، جيڪا انهن کي سرڪار طرفان عطا ڪئي وئي هجي، جي ڪا ملي به آهي ته ان جي هجڻ جو ڪو فائدو ناهي، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب سرڪاري ڪامورن جي ڪرپشن ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي جي انتها آهي،
کپرو شهر جنهن کي اڇڙي ٿر جو گيٽ وي ڪري سڏيو ويندو آهي، ان ۾ نه ته پئيڻ جو صاف پاڻي ماڻهن کي فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ نه وري شهر ۾ ڊرينيج جو نظام صحيح آهي، هر هنڌ گندگي جا ڍير آهن، روڊن رستن تي گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ ماڻهو گدلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن،

کپري ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي شرح زيرو آهي، گهڻا اسڪول ورهين کان بند پيل آهن ۽ جي ڪو اسڪول هلي به ٿو ته
پرائمري کان سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري تائين اسڪولن جو عمارتون تباهه آهن، ٽيڪنيڪل ڪاليج جي عمارت بلڪل ئي تباهه ٿي وئي آهي، ڊگري ڪاليج جي چوديواري ڪري پئي آهي،ان ۾ شاگردن کي پڙهائڻ بدران استاد ڪچهريون ڪري هليا وڃن ٿا،

سرڪاري اسپتال ته آهي پر ان ۾ مريضن جو مفت علاج نٿو ڪيو وڃي، ڊاڪٽر مرضي جا مالڪ آهن ۽ مريضن کي سرڪاري خزاني مان ملندڙ هڪ دوا به مفت نٿي ڏني وڃي، اسپتال ۾ صفائي جو ڪو انتظام ناهي، ڊاڪٽر ذاتي ڪلينڪون  هلائڻ ۾ پورا آهن،
شهر ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو به وڏو آزار آهي، سوين غيرقانوني ڪلينڪون قائم آهن،
شهر جا مين روڊ تباهه آهن، گهٽن به هلڻ لائق ناهن، روڊن جي مرمت ۽ شهر جي خوبصورتي لاءِ ملندڙ سموري بجيٽ هضم ڪئي وڃي ٿي، ڪامورن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي، شهر ۾ ڪا به لائبريري ناهي، جنهن ڪري نوجوان کي پڙهڻ لاءِ ڪا آسائش واري جڳهه ميسر ناهي، پارڪ ميونسپل انتظاميا جي لاپرواهي جي ڪري تباهه ٿي ويا آهن ۽ انهن جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا آهن،
شهر ۾ لوڊشيڊنگ جو آزار آهي، گئس جي سهولت ناهي،  پي ٽي سي ايل جو نظام به درهم برهم آهي.جنهن لاءِ دانهڻ باوجود اختيارين ۽ سرڪار طرفان نوٽيس ناهي ورتو  ويو، ٽرانسپورٽ جا اڏا شهر ۾ قائم هجڻ ڪري شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، روڊن رستن جي پاسن تي ماڻهن قبضا ڪري دڪان اڏائي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري روڊ رستا سوڙها ٿي ويا آهن، حددخلين جي آزار سبب به ماڻهن کي عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو، منشيات جو وڏو آزار آهي، چوريون ۽ ڦرون عام ڳالهه ٿي وئي آهي،

 اهڙي صورتحال باوجود اختيارين هن وقت تائين شهر جي ترقي ۽ خوبصورتي لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو ۽ نه وري چونڊيل نمائندن طرفان ووٽرن کي سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪا گرانٽ منظور ڪرائي وئي آهي، شهرين جي دانهن جو به ڪو داد ڪرڻ وارو ناهي، جنهن ڪري کپرو واسي ننڌڻڪائپ واري زندگي گهاري رهيا آهن ۽ بنيادي سهولتون خواب بڻجي ويون آهن. ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ڪري به شهر جي حالت 
خراب آهي، جنهن جو به هن وقت تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو. 

Labels: ,

ايوب گل - نورالزمان هنڱورجو

Ayub Gul
Interview
نورالزمان هنڱورجو

ايوب گل
سھڻي سنڌ ڪجھ اھڙن ماڻھن کي جنم ڏنو آھي، جيڪي گھڻ پاسائي شخصيت جا مالڪ فطرت ۽ انسانيت سان بي انتھا محبت ڪندڙ آھن.  چاھي تعليمي ميدان ھجي، ادبي فيلڊ ھجي، صحافت جو پيشو ھجي، ھن ھر سطح تي پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. اھڙن ماڻھن جي خدمتن کي اسان ڪڏھن به وساري ن ٿا سگھون اھڙين ئي شخصيتن مان ايوب گل به ھڪ آھي. جنھن جو اصل نالو محمد ايوب راڄڙ آھي. نظام الدين برڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، ڳوٺ چونرو ۾ اک کوليندڙ ايوب گل پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم ھٿونگو مان حاصل ڪيائين، انٽر دگري ڪاليج کپرو مان ڪرڻ کان پوء بي اي ڪاليج سائيڊ ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، ايوب گل کي ننڍپڻ کان ڪتابن سان عشق ھو، آکاڻين ۽ قصن ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو شوقين ايوب گل اڃان مئٽرڪ ۾ ئي ھو ته ھن نظم، غزل، شعر، ۽ چو سٽا سرجڻ شروع ڪيا، ڪھاڻين کي به لفظن جو شعور ڏنائين، سندس غزل ۽ نظم ان وقت شايع ٿيندڙ  ماھوار رسالن ۾ ڇپجندا رھيا. 1998 ع ۾ ھن ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جو سفر شروع ڪيو، جتي ھن کي ادبي دنيا ۾ نالو رکندڙ اديب ۽ دوست مليا، جنھن جي سٿ ۾ رھي ھن کي اڃا وڌيڪ ساعري سان لڳاء ٿي ويو، حيدرآباد ۾ روزاني الک اخبار ۾ 1999 ع واري وقت ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي، روزانه تعمير سنڌ ۾ به سب ايڊيٽر رھيو. روزاني سنڌو ۾ 2001 کان 2003 تائين سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، 2004 کان 2007 تائين ڪوشش ۾ ڪالم نگار ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو. 2007 کان 2009 تائين ڪاوش جو شوبز رپورٽر رھيو. 2011 کان 2014 تائين ڪي ٽي اين انٽرٽينمينٽ تي اسڪرپٽ انچارج رھيو ۽ سنڌ ٽي وي تي به ھڪ سال اسڪرپٽ انچارج طور ڪم ڪيائين، 2015 کان 2016 تائين وري ڪي ٽي اين اسڪرپٽ انچارج رھيو، حيدرآباد ۾ صحافت ۽ شاعري سان گڏ ھن سماجي شعور لاء ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏ ٿيٽر، اسٽريٽ ٿيٽر لکيا ۽ اداڪار طور پرفارم به ڪيو، ڪي ٽي اين تي سندس 9 گيت رڪارڊ ۽ نشر ٿي چڪا آھن، ايوب گل ٻن فلمن ڀڳت ڪنول رام ۽ بازاار جو خالق، 200 کان وڌيڪ سولو پليز جو تخليق ڪار، 50 کان وڌيڪ سوپ ۽ مني سيريلز توڙي 20 ڊيز جو خلقڻھار پڻ آھي، سندس ٽي شاعري جا ڪتاب، رنگن جي خانا بدوشي، سمنڊ ٿو مونکي سڏي ۽ ھن مونکي ڇڏي ڏنو، جيڪي 2011، 2012 ۽ 2013 ۾ ڇپيا. سندس 2 ڪتاب چنڊ منھنجو وطن ۽ روشنا ڇپائي ھيٺ آھن، ايوب گل کي شاعري فڪشن، ڊراما رائيٽر (بھترين) جا ايوارڊ ملي چڪا آھن. ھن وقت ھو آواز ٽي وي لاء ڪم ڪري رھيو آھي ۽ شھري آسائش کي ڇڏي ڳوٺاڻي زندگي گذاري رھيو آھي. سندس مشھور سوپ سيريلز ۾ ڪومل، ڪورو ڪاغذ، ڪونجون، ڪير ته لھندو سار، دل پرايو ديس، روپلو ڪولھي، ڇاجو عشق، زندگي، ھوء اڪيلي، ڇوليون، ڪچا رشتا، ڪوته اھڙو ھجي، مور جو کنڀ، ڪجھ اڌورا خواب، مھندي رتا ھٿ، ڪي ٽي اين آواز ۽ سنڌ ٽي وي تي آن ايئر ٿي چڪا آھن. 
ايوب گل صحافت، ڊرامه نويسي ۽ شاعري سان گڏ سماجي ورڪر پڻ رھيو آھي. ھو سدائين ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ جيئندڙ ماڻھن لاء سھارو پڻ بڻجندو رھيو آھي، ڪنھن به سماج کي ترقي ڏيارڻ لاء لازمي آھي ته ڪجھ پڙھيل لکيل ماڻھو سجاڳي جو سج اُڀارڻ لاء اڳيان اچن ٿا، اھڙن ئي ماڻھن ۾ ايوب گل پڻ شامل آھي. 


 نور الزمان هنڱورجو
انٽرويو
فقير دين محمد ڪنڀار کپري تعلقي جي ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي، اتان ئي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، مجبورين سبب اڳتي تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيائين، جواني ۾ سياست ۾ آيو، پ پ بعد جيئي سنڌ سان لاڳاپو رهيو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي، فقير دين محمد ڪنڀار سماجي طور تي به پاڻ مڃايو، خاص ڪري هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪيائين، هن وقت به هو سنڌ سان عشق سان گڏ سماج جي ڀلائي لاءِ هر محاذ تي اڳڀرو هوندو آهي. سورهيه بادشاهه جي شخصيت کان متاثر ٿي فقير سڏايائين، کيس ڪامريڊ ڪري به ڪوٺيو ويندو آهي.
سوال 1. اوھان ڪڏھن ۽ ڪٿي جنم ورتو؟
جواب: 1946 ع ۾ ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي.
سوال 2. اوھان جي تعليم ڪيتري آھي ؟ 
جواب: آئوڻ پنج درجا پاس آھيان.
سوال 3. اڳتي ڇو نه تعليم حاصل ڪئي، ۽ ڪو سبب؟ 
جواب: والده پھرين گذاري وئي ھئي ۽ والد نابين ھو، ۽ والد کي فالج به ٿي پيو، ان جي سنڀال لاء ڪو ب نه ھو. ان ڪري مونکي تعليمي سفر ڇڏڻو پيو. 
سوال 4. اوھان ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيو؟
جواب: ھا، بلڪل پنجين ڪلاس کان پوء پنھنجو اباڻو ڌنڌو ڪنڀارڪو سکيو، ڪنڀار برادري جي مختلف ڪاريگرن کان ۽ ڪافي سالن تائين مٽي جي ڪم سان سلھاڙيل رھيس ۽ ٺڪر گڏھ تي کڻي ڳوٺن ۾ کپائيندو ھيس
سوال 5. ان وقت مٽي جي ٿانون جو ملھ ڇا ھوندو ھو؟
جواب: ان وقت دانگي جو ملھ 4 آنا، گھڙو 6 آنا ۽ ڪنو 10 آنا ھوندو ھو. 
سوال 6. اوھان سياست جي شروعات ڪڏھن ڪئي؟ 
جواب: سياسي شعور ايوب خان جي مارشلا دوران مون وٽ اچي چڪو ھو. ايوب خان جي حڪومت کان پوء بلڪل سياست ذوالفقار ڀٽي جي پارٽي سان شروع ڪئي.
سوال 7. اوھان  جي ڪڏھن سائين جِي ايم سيد سان ملاقات ٿي؟
جواب: ھا، بلڪل ھڪ ڏينھن عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر مون وٽ آيا ۽ موکي سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاء چيائون ته ھل سائين جي ايم سيد سان ملي اچون، آئون جمن ۽ آريسر صاحب سان گڏ ملڻ لاء نڪتس مونکي دل ۾ اھو خيال آيو ته سائين جي ايم سيد وڏو ماڻھو آھي ۽ ٺٺ سان ھوندو ۽ ظاھر آھي ته پنھنجي ليول جي ماڻھن کي ئي اھميت ڏيندو پر اتي وڃي ڏسان ته سائين جي ھٿ ۾ ڀاڄي جو ڏونگھو ھجي ۽ ماني کارائڻ لاء آيل قومي ڪارڪنن جي مٿان سروس ڏئي رھيو آھي، جمن مونکي ٻڌايو ته سائين اھو آھي، آئون ان سروس کي ڏسي پھرين جھلڪ ۾ ئي متاثر ٿي ويس ۽ پارٽي جي بيت مون سائين کان ئي وٺڻ جي لاء سائين کي عرض ڪيم ۽ سائين مونکي خود حلف کڻايو.
سوال 8.  ڪا اھڙي غلطي جنھن ۾ اوھان کي پڇتاءُ ھجي؟
جواب: تاريخي غلطي اھا ڪين ته سائين جي ايم سيد جي صف مان نڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو ھيس. 
سوال 9. اوھان لا جي طور تي ڪھڙا ڪم ڪيا ؟
جواب: ھيومن رائيٽس ڪميشن جي عاصمه جھانگير، آغا نور ناز، شڪيل پٺاڻ، سائين علي حسن ( نمائنده بي بي سي) انھن سان گڏجي ھيومن رائيٽس ڪميسن جي گرائونڊ تان ھاري بازياب ڪرائڻ لاء مون ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان شروعات ڪئي، ھاري طبقي جو فرد ھيس ۽ ان ڳالھ جو احساس ھيو.
سوال 10 . اوھان ڪڏھن اليڪشن وڙھي؟
جواب: ھا، 1997 ع ۾ عمر ڪوٽ جي پي ايس جي سيٽ تي آزاد اميدوار بيٺس مونکي لالچون به ڏنيون ويون ۽ آڇون به ٿيون پر مون اھي ئي لفظ چيا ته منھنجي ضمير ڪي خريد ڪرڻ وارو نوٽ اڃان پريس ۾ ڇپيو ڪونھي.
سوال 11. اوھان ڪو ڪتاب لکيو؟
جواب: ڪتاب لکان پيو زندگي جا باري ۾ جيڪو انڊر پراسس آھي.
سوال12. سياست ۽ صحافت بابت ڇا راءِ آھي؟ 
جواب: ايمانداري، محنت ۽ ميرٽ تي صحافت ڪرڻ گھرجي.
سوال 13. اوھان فقير جو تخلص پنھنجي پاڻ کي ڇو ڏنو آھي؟
جواب: شھيد سورھيه بادشاھ سان متاثر ٿي فقير سڏايم.
سوال 14. نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: نوجوانن کي پڙھائي ۽ نوڪري دوران انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي ۽ ٻين جا ڏک سور ونڊڻ گھرجن.

#Ayub Gul
#NoorulZaman 

Labels: ,