Wednesday, May 18, 2016

ياسر قاضي فن ۽ ادب جو ناميارو نانءُ



        اطهر الدين ابڙوProfile by ;
2k13/mc/22
ياسر قاضي فن ۽ ادب جو ناميارو نانءُ
 چهري تي مرڪ، واه جو انداز بيان، ڳالهائي ته فصاحت سان، سوچي ته عملي قدم لاءِ جلد تيار ٿي بيهي، سچو ۽ کرو، سگهاري سوچن سان قلم جي ترار کي هلائي ٿو، قدرت طرفان ڏات جا کيس ورثي ۾ ملي آهي سا به مٿس راضي آهي، هر روز شعر سرجي سماج ۾ ٿيندڙ چڱاين ۽ براين کي وائکو ٿو ڪري. هو سنڌي ادب کي اڄ تائين ٽي ڪتاب پيش ڪري چڪو آهي پر سندس سڃاڻپ جو حوالو صرف شاعر يا نثر نويس ئي ناهي هو سٺو ڪمپيئر ۽ هاٽ ايف ايم سان سلهاڙيل آهي، ياسر قاضي سندس نانءُ آهي ۽ پاڻ سنڌي ادب جي ڀلوڙ ڪوي سائين مقصود گل جو فرزند آهي. سنڌي ادب ۾ سائين مقصود گل يا سندن والد قاضي عبدالحي قائل جي ادبي پورهئي کان ڪير اڻ واقف هوندو ٻنهي پنهنجي شهر رتيديري ۾ رهي سموري سنڌ کي پنهنجي شعري گلڙن جيِ مهڪ سان مهڪايو. ياسر قاضي به ان ڌڳ تي هليو ۽ لکندو رهيو. اهابه وٽس هڪ خوبي ورثي مان مليل ئي نظر ٿي اچي ته هو صرف لکي ئي نه ٿو پر پينسل ۽ برشن جي مدد سان اسڪيچ به ڻاهي ٿو.

زندگي جي هر موڙ تي پنهنجو پاڻ ڪهڙي نموني سنوارجي ۽ سڌارجي سو ياسر خوب سمجهي پنهنجو قدم اڳتي وڌايو آهي ۽ هو ان ڏس ۾ ڪامياب به ويو آهي. ياسر قاضي رتوديرو سان تعلق رکي ٿو سندس تربيت ۽ تعليم اتان ئي شروع ٿي، ميرپور خاص ۽ خيرپور مان تعليمي سندون حاصل ڪري چُڪو آهي. هو سٺو ڪمپيئر به آهي. هن جي اسٽيج تي چڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو آهي ته اسٽيج ۽ ياسر ٻئي ساٿي آهن.

لفظن جي ساٿ سان خوش بياني وارو عنصر سندس ڪردار کي وائکو ٿو ڪري. ياسر قاضي سنڌي ٽي وي چينلز جي پروگرامن ۽ شاهه لطيف هجي يا قلندر شهباز ۽ سچل سائين جي سالياني عرسن جي موقعي تي به ڪمپيئرنگ ڪري پان مڃرائي چُڪو آهي. 1995ع کان مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سندس آواز گهٽي گهٽي ۽ گهر گهر ۾ گونجيو آهي. سندس ندا جا پڙاڏا ان قدر مشهور ٿيا آهن جو وٽس اهو ڏانءُ اول کان ئي موجود آهي ته پنهنجو آواز ڪهڙي نموني اثرائتو بڻائي سگهجي ٿو. اڄ تائين سوين اهڙا ريڊيو پروگرام سندس ڪاوش ۽ ڪوشش جو نتيجو آهن جن ۾ پاڻ مختلف شخصيتن جا انٽرويو ڪيا اٿس يا شاعري جا مچ ٻاري سلسلي کي جاري رکندو آيو آهي. ڪي ٽي اين تان سندس مشهور پروگرام شهر شهر جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ پاڻ تاريخ کي تحقيقي حوالي سان پيش ڪندي نظر آيو. ان کان علاوه سندس ٻئي پروگرام ۾ ملاقاتن واري سلسلي کي به خوب پزيرائي حاصل ٿي.

ياسر قاضي هن وقت هاٽ ايف ايم 105 سان وابسته آهي ۽ ان جي مختلف اسٽيشنس تان سندس آواز گونججي ٿو. مدهر يادين سميت ٻيا پروگرام سندس شخصيت کي وائکو ڪن ٿا. ياسر قاضي نثر نويس به آهي ته سٺو شاعر به آهي. 100 کان مٿي سندس ڪالم ۽ مضمون مقالا سندس ڏاهپ کي ظاهر ڪن ٿا، ايترائي ڪالم اردو ٻولي ۾ به ڇپجي چُڪا اٿس. سندس سفر نامو پئسفڪ جي پاڙي ۾ پڻ پڙهندڙن وٽ پسند پيو آهي. 1988ع کان شاعري لکڻ شروع ڪئي اٿائين جنهن جو سلسلو پڻ اڄ تائين هلندڙ آهي. ان حوالي سان “ٻيڙي ۾ چنڊ” ۽ “اٺ ماما گوگڙو” ٻارن لاءِ سندس لکيل شعري ڪتاب آهن جيڪي پڻ پنهنجي جاءِ والاري چُڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي والد مقصود گل جي حوالي سان “گل ڇنو گرنار جو” ترتيب ڏئي ڇپرائي چُڪو آهي. هن هيٺ سندس شعر سان اها دعا ٿي ڪجي ته هو ادب ساب گڏ ريڊيو تان ٻولي جي خدمت ڪندو رهي ۽ ڪاميابيون ماڻي.
اسان جي دل جي ڪنهن خاني ۾ هرگز ڪوئي جذبو رکيو جعلي ته ناهي ڌڪاري ڪو اچي دل مان اڻاسِي مُحبت مفت جِي مالِي ته ناهي..

Imrpover failure


Labels:

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home