Sunday, May 22, 2016

پرائيويٽ اسڪول غريبن لاءِ آزار

It is very short,  no particular area is focussed, lacks figures and facts, expert opinion, Reports 
پرائيويٽ اسڪول غريبن لاءِ آزار
نور الزمان

ڪو وقت هو جڏهن اسڪولن جي وڏي اهميت هوندي هئي ۽ درسگاهه ۾ موجودگي دوران ڪو به اهڙو عمل ڪرڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو، جنهن سان ان عظمت کي ڇيهو پهچي ۽ يا وري پڙهائي متاثر ٿي، پر هاڻي ائين ناهي رهيو، هاڻي سرڪاري اسڪول ته موالين جون آماجگاهون ۽ استادن جي لاءِ ڪچهرين جو مرڪز بڻجي ويون آهن، پر خانگي اسڪول به صرف ڪمائي جو ذريعو ئي نظر اچي رهيا آهن، جن ماڻهن کي پاڻ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ نٿو اچي اهي اسڪول کولي رهيا آهن، وڏن نالن سان اسڪول کولي وڏي پبلسٽي ڪئي وڃي ٿي ۽ وڏيون فيون ورتيون وڃن ٿيون پر اسڪولن ۾ پڙهائي زيرو هوندي آهي.

 خوبصورت عمارتن ۽ وڏن نالن جي پويان ڪجهه به ناهي هوندو، امير ماڻهو وڏن اسڪولن ۾ ٻارن کي موڪليندا آهن ۽ مڊل ڪلاس جا وري پنهنجي ليول جي اسڪولن ۾ ٻار پڙهائيندا آهن، سنڌ جي هر شهر جي هر گهٽي ۾ اوهان کي خانگي اسڪولن ملندو، استاد ميٽرڪ پاس هوندا، پرنسپال جي بي اي پرائيويٽ سائيڊ کان ٿيل هوندي، شاگردن کي پڙهائڻ جو ڪو ڏانءُ نه هوندو اٿن ۽ نه وري لينگيج جيڪا استعمال ڪئي ويندي آهي، ان ۾ ان ڳالهه جو خيال رکيو ويندو آهي ته ان جو اثر شاگردن تي ڪهڙو پوندو،

سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا خانگي اسڪول پڙهائي جا مرڪز نه پر پئسا ميڙڻ جا مرڪز بڻيل آهن، جتي وڏين فين سان گڏ ڪورس جا ڪتاب ٻيڻي قيمت تي وڪرو ڪيا ويندا آهن، ڊريس ٽيڻي قيمت تي ملندي آهي ۽ ٻارن کي ايترا ته اجايا خرچ ڪرايا ويندا آهن جو غريب ماڻهو ٻارن کي اسڪول موڪلڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا آهن، جون جولاءِ جون موڪلون ٿين ته ايڊوانس ۾ في ورتي ويندي، امتحان جي الڳ هوندي ۽ سيمسٽر امتحان جي في وري ڌار ورتي ويندي، خبر ئي ناهي پوندي ته اصل ۾ في آهي ڪيتري، پهرين ڪلاس جي ٻار جي في 1500 هوندي ته انٽر واري کان 5000 هزار ورتا ويندا پر پهرين ڪلاس کي پڙهائڻ واري ماستر کي پگهار 3000 هزار ملندي ۽ انٽر واري 5000 هزار ملندي، گهٽ پگهار کي مقرر ٿيندڙ ماسترن کي پڙهائڻ به ناهي ايندو ۽ نه وري اهي ٻارن کي ڪجهه سيکاري سگهندا آهن، جنهن ڪري ٻارن کي صرف هٿرادو مارڪون ڏئي پاس ڪيو ويندو آهي، جيڪي اڳتي هلي ڪنهن به ڪم جا ناهن رهندا ۽ انهن کي سنڌي پڙهڻ ته بلڪل ئي ناهي ايندي، ايجوڪيشن کاتي طرفان اسڪولن کي لائسنس ته جاري ڪيو ويندو آهي پر انهن جي مانيٽرنگ ناهي ڪئي ويندي، آڊٽ جو به ڪو نظام ناهي هوندي، جنهن ڪري غريب ماڻهن بنا سبب هزارين روپيا ڀريندا آهن، اسڪول وارا ته امير ٿي ويندا آهن پر ٻارن جي پڙهائي زيرو هوندي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home