Sunday, May 22, 2016

ايوب گل - نورالزمان هنڱورجو

Ayub Gul
Interview
نورالزمان هنڱورجو

ايوب گل
سھڻي سنڌ ڪجھ اھڙن ماڻھن کي جنم ڏنو آھي، جيڪي گھڻ پاسائي شخصيت جا مالڪ فطرت ۽ انسانيت سان بي انتھا محبت ڪندڙ آھن.  چاھي تعليمي ميدان ھجي، ادبي فيلڊ ھجي، صحافت جو پيشو ھجي، ھن ھر سطح تي پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. اھڙن ماڻھن جي خدمتن کي اسان ڪڏھن به وساري ن ٿا سگھون اھڙين ئي شخصيتن مان ايوب گل به ھڪ آھي. جنھن جو اصل نالو محمد ايوب راڄڙ آھي. نظام الدين برڙي جي گھر ۾ جنم ورتو، ڳوٺ چونرو ۾ اک کوليندڙ ايوب گل پرائمري کان مئٽرڪ تائين تعليم ھٿونگو مان حاصل ڪيائين، انٽر دگري ڪاليج کپرو مان ڪرڻ کان پوء بي اي ڪاليج سائيڊ ۽ ايم اي سنڌي سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، ايوب گل کي ننڍپڻ کان ڪتابن سان عشق ھو، آکاڻين ۽ قصن ٻڌڻ ۽ پڙھڻ جو شوقين ايوب گل اڃان مئٽرڪ ۾ ئي ھو ته ھن نظم، غزل، شعر، ۽ چو سٽا سرجڻ شروع ڪيا، ڪھاڻين کي به لفظن جو شعور ڏنائين، سندس غزل ۽ نظم ان وقت شايع ٿيندڙ  ماھوار رسالن ۾ ڇپجندا رھيا. 1998 ع ۾ ھن ڳوٺ ڇڏي حيدرآباد جو سفر شروع ڪيو، جتي ھن کي ادبي دنيا ۾ نالو رکندڙ اديب ۽ دوست مليا، جنھن جي سٿ ۾ رھي ھن کي اڃا وڌيڪ ساعري سان لڳاء ٿي ويو، حيدرآباد ۾ روزاني الک اخبار ۾ 1999 ع واري وقت ۾ سب ايڊيٽر طور صحافت جي شروعات ڪئي، روزانه تعمير سنڌ ۾ به سب ايڊيٽر رھيو. روزاني سنڌو ۾ 2001 کان 2003 تائين سب ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائين، 2004 کان 2007 تائين ڪوشش ۾ ڪالم نگار ۽ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو رھيو. 2007 کان 2009 تائين ڪاوش جو شوبز رپورٽر رھيو. 2011 کان 2014 تائين ڪي ٽي اين انٽرٽينمينٽ تي اسڪرپٽ انچارج رھيو ۽ سنڌ ٽي وي تي به ھڪ سال اسڪرپٽ انچارج طور ڪم ڪيائين، 2015 کان 2016 تائين وري ڪي ٽي اين اسڪرپٽ انچارج رھيو، حيدرآباد ۾ صحافت ۽ شاعري سان گڏ ھن سماجي شعور لاء ڪم ڪندڙ اين جي اوز سان گڏ ٿيٽر، اسٽريٽ ٿيٽر لکيا ۽ اداڪار طور پرفارم به ڪيو، ڪي ٽي اين تي سندس 9 گيت رڪارڊ ۽ نشر ٿي چڪا آھن، ايوب گل ٻن فلمن ڀڳت ڪنول رام ۽ بازاار جو خالق، 200 کان وڌيڪ سولو پليز جو تخليق ڪار، 50 کان وڌيڪ سوپ ۽ مني سيريلز توڙي 20 ڊيز جو خلقڻھار پڻ آھي، سندس ٽي شاعري جا ڪتاب، رنگن جي خانا بدوشي، سمنڊ ٿو مونکي سڏي ۽ ھن مونکي ڇڏي ڏنو، جيڪي 2011، 2012 ۽ 2013 ۾ ڇپيا. سندس 2 ڪتاب چنڊ منھنجو وطن ۽ روشنا ڇپائي ھيٺ آھن، ايوب گل کي شاعري فڪشن، ڊراما رائيٽر (بھترين) جا ايوارڊ ملي چڪا آھن. ھن وقت ھو آواز ٽي وي لاء ڪم ڪري رھيو آھي ۽ شھري آسائش کي ڇڏي ڳوٺاڻي زندگي گذاري رھيو آھي. سندس مشھور سوپ سيريلز ۾ ڪومل، ڪورو ڪاغذ، ڪونجون، ڪير ته لھندو سار، دل پرايو ديس، روپلو ڪولھي، ڇاجو عشق، زندگي، ھوء اڪيلي، ڇوليون، ڪچا رشتا، ڪوته اھڙو ھجي، مور جو کنڀ، ڪجھ اڌورا خواب، مھندي رتا ھٿ، ڪي ٽي اين آواز ۽ سنڌ ٽي وي تي آن ايئر ٿي چڪا آھن. 
ايوب گل صحافت، ڊرامه نويسي ۽ شاعري سان گڏ سماجي ورڪر پڻ رھيو آھي. ھو سدائين ڏکن ۽ ڏاکڙن ۾ جيئندڙ ماڻھن لاء سھارو پڻ بڻجندو رھيو آھي، ڪنھن به سماج کي ترقي ڏيارڻ لاء لازمي آھي ته ڪجھ پڙھيل لکيل ماڻھو سجاڳي جو سج اُڀارڻ لاء اڳيان اچن ٿا، اھڙن ئي ماڻھن ۾ ايوب گل پڻ شامل آھي. 


 نور الزمان هنڱورجو
انٽرويو
فقير دين محمد ڪنڀار کپري تعلقي جي ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي، اتان ئي پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، مجبورين سبب اڳتي تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيائين، جواني ۾ سياست ۾ آيو، پ پ بعد جيئي سنڌ سان لاڳاپو رهيو، جيڪو اڃا تائين قائم آهي، فقير دين محمد ڪنڀار سماجي طور تي به پاڻ مڃايو، خاص ڪري هارين جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪيائين، هن وقت به هو سنڌ سان عشق سان گڏ سماج جي ڀلائي لاءِ هر محاذ تي اڳڀرو هوندو آهي. سورهيه بادشاهه جي شخصيت کان متاثر ٿي فقير سڏايائين، کيس ڪامريڊ ڪري به ڪوٺيو ويندو آهي.
سوال 1. اوھان ڪڏھن ۽ ڪٿي جنم ورتو؟
جواب: 1946 ع ۾ ڳوٺ باکريچي ۾ اک کولي.
سوال 2. اوھان جي تعليم ڪيتري آھي ؟ 
جواب: آئوڻ پنج درجا پاس آھيان.
سوال 3. اڳتي ڇو نه تعليم حاصل ڪئي، ۽ ڪو سبب؟ 
جواب: والده پھرين گذاري وئي ھئي ۽ والد نابين ھو، ۽ والد کي فالج به ٿي پيو، ان جي سنڀال لاء ڪو ب نه ھو. ان ڪري مونکي تعليمي سفر ڇڏڻو پيو. 
سوال 4. اوھان ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪيو؟
جواب: ھا، بلڪل پنجين ڪلاس کان پوء پنھنجو اباڻو ڌنڌو ڪنڀارڪو سکيو، ڪنڀار برادري جي مختلف ڪاريگرن کان ۽ ڪافي سالن تائين مٽي جي ڪم سان سلھاڙيل رھيس ۽ ٺڪر گڏھ تي کڻي ڳوٺن ۾ کپائيندو ھيس
سوال 5. ان وقت مٽي جي ٿانون جو ملھ ڇا ھوندو ھو؟
جواب: ان وقت دانگي جو ملھ 4 آنا، گھڙو 6 آنا ۽ ڪنو 10 آنا ھوندو ھو. 
سوال 6. اوھان سياست جي شروعات ڪڏھن ڪئي؟ 
جواب: سياسي شعور ايوب خان جي مارشلا دوران مون وٽ اچي چڪو ھو. ايوب خان جي حڪومت کان پوء بلڪل سياست ذوالفقار ڀٽي جي پارٽي سان شروع ڪئي.
سوال 7. اوھان  جي ڪڏھن سائين جِي ايم سيد سان ملاقات ٿي؟
جواب: ھا، بلڪل ھڪ ڏينھن عبدالواحد آريسر ۽ جمن دربدر مون وٽ آيا ۽ موکي سائين جي ايم سيد سان ملڻ لاء چيائون ته ھل سائين جي ايم سيد سان ملي اچون، آئون جمن ۽ آريسر صاحب سان گڏ ملڻ لاء نڪتس مونکي دل ۾ اھو خيال آيو ته سائين جي ايم سيد وڏو ماڻھو آھي ۽ ٺٺ سان ھوندو ۽ ظاھر آھي ته پنھنجي ليول جي ماڻھن کي ئي اھميت ڏيندو پر اتي وڃي ڏسان ته سائين جي ھٿ ۾ ڀاڄي جو ڏونگھو ھجي ۽ ماني کارائڻ لاء آيل قومي ڪارڪنن جي مٿان سروس ڏئي رھيو آھي، جمن مونکي ٻڌايو ته سائين اھو آھي، آئون ان سروس کي ڏسي پھرين جھلڪ ۾ ئي متاثر ٿي ويس ۽ پارٽي جي بيت مون سائين کان ئي وٺڻ جي لاء سائين کي عرض ڪيم ۽ سائين مونکي خود حلف کڻايو.
سوال 8.  ڪا اھڙي غلطي جنھن ۾ اوھان کي پڇتاءُ ھجي؟
جواب: تاريخي غلطي اھا ڪين ته سائين جي ايم سيد جي صف مان نڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو ھيس. 
سوال 9. اوھان لا جي طور تي ڪھڙا ڪم ڪيا ؟
جواب: ھيومن رائيٽس ڪميشن جي عاصمه جھانگير، آغا نور ناز، شڪيل پٺاڻ، سائين علي حسن ( نمائنده بي بي سي) انھن سان گڏجي ھيومن رائيٽس ڪميسن جي گرائونڊ تان ھاري بازياب ڪرائڻ لاء مون ايس ٽي پي جي پليٽ فارم تان شروعات ڪئي، ھاري طبقي جو فرد ھيس ۽ ان ڳالھ جو احساس ھيو.
سوال 10 . اوھان ڪڏھن اليڪشن وڙھي؟
جواب: ھا، 1997 ع ۾ عمر ڪوٽ جي پي ايس جي سيٽ تي آزاد اميدوار بيٺس مونکي لالچون به ڏنيون ويون ۽ آڇون به ٿيون پر مون اھي ئي لفظ چيا ته منھنجي ضمير ڪي خريد ڪرڻ وارو نوٽ اڃان پريس ۾ ڇپيو ڪونھي.
سوال 11. اوھان ڪو ڪتاب لکيو؟
جواب: ڪتاب لکان پيو زندگي جا باري ۾ جيڪو انڊر پراسس آھي.
سوال12. سياست ۽ صحافت بابت ڇا راءِ آھي؟ 
جواب: ايمانداري، محنت ۽ ميرٽ تي صحافت ڪرڻ گھرجي.
سوال 13. اوھان فقير جو تخلص پنھنجي پاڻ کي ڇو ڏنو آھي؟
جواب: شھيد سورھيه بادشاھ سان متاثر ٿي فقير سڏايم.
سوال 14. نوجوانن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: نوجوانن کي پڙھائي ۽ نوڪري دوران انسانيت جي خدمت ڪرڻ گھرجي ۽ ٻين جا ڏک سور ونڊڻ گھرجن.

#Ayub Gul
#NoorulZaman 

Labels: ,

پروفیسر ڈاکٹر حسن علی زیدی سے انٹرویو

 آپ کو یہ ٹاپک اس طرح سے منظور کر کے دیا تھا کہ حیدرآباد کی ادبی سرگرمیوں اور حیدآبار میں ادب کے حوالے سے انٹریو کریں۔ یہ بات آپ کی سلپ میں بھی لکھی ہوئی ہے۔ بہت ہی کمزور انٹرویو اور منظور شدہ آﺅٹ لائن کے مطابق نہیں

اوےس احمد صدےقی 2k13/MC/23 انٹرےو
پروفیسر ڈاکٹر حسن علی زیدی 

پروفےسر ڈاکٹر حسن علی زےدی کا شمار ان ادےبوں اور محققےن مےں ہوتا ہے۔ جنہوں نے اردو ادب کے لےے گراں قدر خدمات انجام دےں۔ آپ 1964 مےں پےدا ہوئے۔ آپ نے 1991 مےں سندھ پبلک سروس کمےشن کا امتحان پاس کےااور بطورلےکچرار گورنمنٹ کالج کالی موری حےدرآباد مےں تقرر ہوا۔ آپ نے اپنی 25سالہ ادبی زندگی مےں بہت سی کتابےں لکھیں۔ آپ نے 1997 مےں کراچی ےونےورسٹی سے پی اےچ ڈی کی ڈگری حاصل کےں۔ آپ کی کتابےں تحقےق تنقےد، افسانے، طنز و مزاح، اقبالےات، غالبےات، آپ بےتی اور نصاب سے متعلق ہےں۔ آپ نے ہوم اسٹےڈ ہال حےدرآباد مےں 2006 مےں اےک مشاعرہ منعقد کرواےا جس مےں اس وقت کی وزےر تعلےم سندھ حمےدہ کھوڑو صاحبہ نے شرکت کےں۔ 

س ترجمے ےا تصنےف سے تنقےد اور تحقےق کی طرف کےسے آئے؟
جواب مےرے جےسے لوگوں کا، جن کے مضامےن فنون لطےفہ سے متعلق آرٹس ہوتے ہےں۔ کوئی واضح مستقبل نہےں ہوتا۔ جہاں چاہئے نکل جائے۔ گرےجوےشن کے بعد اےم ۔ اے فلاسفی کرنا چاہتا تھا۔ لےکن اےم۔ اے اردو کےا اور لےکچرار بن گےا اور پھر زندگی کا وہ دور شروع ہوا جس سے ہت سے لوگ واقف ہے۔ ادب کو سنجےدگی سے پڑھنا شروع کےا اور افسانے اور تنقےدی مضاےن لکھنا شروع کئے۔ لےکچرار بننے کے بعد زندگی کی صحےح سمت ملی۔ مےں نے ہر مصنف مےں طبع آزمائی کی۔ تاہم تحقےق اور تنقےد کی طرف زےادہ زور رہا۔ 

س کےا آپ سمجھتے ہےں کہ ملک مےں ادب زال پذےر ہے۔ 
جواب دےکھےں جب کسی ملک مےں تمام ادارے اور پورے معاشرہ زوال پذےر ہو تو ادب پر بھی اس کے اثرات مرتب ہوتے ہےں۔ اےک وجہ ےہ بھی ہے کہ اب معاشرے مےں کوئی اےسی تحرےک نہےں ہے جس سے قلم کاروں مےں تحرےک پےدا ہوا۔ ماضی مےں جتنے بڑ ¸ قلم کار آپ کو نظر آتے ہےں ان مےں سے بےش تر ترقی پسند تحرےک سے وابستہ تھے۔ 

س کےا موجودہ ادب ہمارے عہد کی عقاسی نہےں کرتا؟ 
جواب اےسا بھی نہےں، حالات کی وکاسی تو ہورہی ہے۔ ذرا پےچھے جائےں ضےاءدور مےں تو کتنی سختےاں تھےں لےکن قلم کار پھر بھی اپنی رائے کا اظہار کرتے تے۔ آج بھی ہمارے اہل قلم اپنے معاشرے اور مسائل کی نشاندہی کررہے ہےں ہم ےہ نہےں کہہ سکتے کہ وہ اپنے فرائض سے غفلت برت رہے ہےں۔ 

س ہمارے ےہاں اکثر تنقےد نگار اہل نہےں لےکن وہ بظاہر بڑے ہےں ، کےا اےسا ہی ہے؟
جواب مےرا تجربہ ےہ کہتا ہے کہ اےک تنقےد نگار کو وسےع المطالعہ ہونا چاہئے اسے عالمی ادبےات کے بارے مےں معلوم ہو۔ لےکن ہمارے ےہاں اکثر تنقےد نگار اس پےمانے پر پورا نہےں اترتے۔ 

س ہمارے ےہاں بک کلچر نام کی کوئی چےز نہےں اس کی وجہ؟
جواب وجوہات تو بےشمار ہےں اپنی بات کرتا ہوں ۔ مےرے والد صاحب ادےب نہےں تھے اب اےسا ماحول نہےں ہے۔ مےں سمجھتا ہوں کہ شروع سے ہمارے سے مطالعے کا مزاج ہی ڈولپ نہےں ہوا ناخوانددگی اپنی جگہ مہنگائی کا بھی کردار ہے لےکن جو لوگ افورڈ کرسکتے ہےں ان کے بارے مےں بھی کےا کہےں وہ پانچ ہزار روپے رات کے کھانے پر تو لگادےں گے لےکن 500 روپے کی اےک کتاب نہےں خرےد سکتے۔ 

س آخر مےں نوجوانوں کے کوئی خاص پےغام دےنا چاہئےں گے؟
جواب نوجوانوں کے لئے مےرا پےغام بہت سادہ سا ہے کہ آپ خود کے ساتھ انصاف کرے اگر آپ کے والدےن آپ کو پڑھا رہے ہےں تو خود کو کامےاب انسان بنا کر ان کے سامنے پےش کرے۔ 

Labels: ,

Wednesday, May 18, 2016

ڈاکٹر نسیم ٹی بی اسپیشلسٹ سے انٹرویو

Questions are weak. same compsoing mistakes
 Pix is required
 I am unable to understand, what u have improved. Sirf Khana puri k hae
سےد وقاص حسےن
2k14/mmc/42
M.A Final (Failure)
انٹروےو 
ڈاکٹر نسےم (T.B Specialist)
س ٹی بی کا ڈاکٹر بننے کی وجہ؟
جواب ہماری فےملی ممبرز مےں کافی لوگ اس مرض کا شکار تھے اور دو سے تےن افراد اسی مرض کی وجہ وفات پاگئے۔ اسی وجہ سے مےں نے اس شعبہ مےں جانے کا فےصلہ کےا۔ 

س پاکستان مےں ٹی بی کے مرےضوں کی تعداد کتنی ہے؟
جواب پاکستان مےں سالانہ تقرےباً 25000 لوگ ٹی بی کے مرض مےں مبتلا ہوتے ہےں۔ 

س ٹی بی کے مرےض زےادہ تر کن علاقوں مےں پائے جاتے ہےں ؟
جواب زےادہ تر ٹی بی کے مرےض گنجان آباد علاقوں مےں پائے جاتے ہےں۔ جہاں صفائی ستھرائی کا کوئی خاطر خواہ انتطام نہ ہو اور جگہ جگہ کچرے کے ڈھےر ہوں۔ 

س اس مرض مےں مبتلا ہونے کی ابتدائی علامت؟
جواب سےنے کا درد، بخار رہنا، تےن ہفتے سے زےادہ کحانسی رہنا اور کھانسی مےں خون آنا

س لوگوں مےں ےہ بےماری کس طرح پھےلتی ہے؟
جواب اس کی وجہ جگہ جگہ تھوکنا، ٹی بی کے مرےض کے ساتھ اےک ہی جگہ رہنا اور چھےنکتے ہوئے احتےاط نہ کرنا۔ 

س اس سے بچاﺅ کے لئے احتےاطی تدابےر؟
جواب فوراً کسی اچھے معالج سے رجوع کرنا، اےکسرے کروانا پرہےز کرنا اور تمباکو نوشی سے پرہےز کرنے سے اس سے بچا جاسکتا ہے۔ 

س عام آدمی کے لئے اس کے علاج کے اخراجات برداشت کرنا کےسا ہے؟
جواب ابتدا مےں اس کا علاج کافی مہنگا تھا مگر اب حکومت پاکستان کی طرف اس علاج کا مفت معائنہ ہوتا ہے اور جگہ جگہ گورنمنٹ ڈسٹرکٹ مےں اس کے مراقص قائم ہےں۔ جن کو ٹی بی ڈائس کہا جاتا ہے جہاں مفت بلغم ٹےسٹ کے ساتھ مفت آٹھ ماہ کی ادوےات مہےا کی جاتی ہے۔ 

س پھےپھڑوں کو تمباکو نوشی سے کےا نقصانات ہوتے ہےں؟
جواب تمباکو نوشی سے انسان کے پھےپڑے بے حد متاثر ہوتے ہےں کھانسی، نزلہ اور دمہ اس کی ابتدائی نشانےاں ہےں۔ تمباکو نوشی کی وجہ سے 80% فےصد لوگ پھےپھڑوں کے کےنسر کی وجہ سے مرتے ہےں۔ 

Labels: ,

میڈم ادیبہ سے انٹرویو

 It is very weak interview 
 DO not use English words, write them in Urdu. 
 With Q and Ans do not put  bracket 
 for interview, profile and feature foto is must. 

سید فہد علی نقوی
2k15/MMC/49
M.A Impover failure
             

 میڈم ادیبہ انٹرویو

آپ MBA FinanceاورMA Economics ہیں ابتداء میں کافی عرصہ سے حیدرآ باد کے مشہور کالج (College Of Excellence For Boys)سے وابستہ رہیںاور اب اپنا ذاتی کالج(Al-Adeeb System Of Learning) کے نام سے چلارہی ہیں
س) آپ کتنے عرصے سے اس شعبے سے منسلک ہیں؟
ج) میں تقریباََ ۳۱ سال سے اس شعبے سے منسلک ہوں۔
س) آپ پہلے بھی بوائز کالج سے منسلک رہیں اور اب آپ نے اپنا کالج بھی کھولا تووہ بھی صرف بوائز کیلئے ۔گرلز کیلئے کیوں نہیں؟
ج) میرا ارادو تھا مگر مجھے تجربہ نہیں تھا گرلز کالج کا اسی وجہ سے میں نے بوائز کالج چلانے کو ترجیح دی۔
س) آپ کا ٹارگٹ کیا ہے اپنے کالج کے حوالے سے ٬ اپنے کالج کو کہاں دیکھتی ہیں آپ؟
ج) ہمارا جو بنیادی مقصد ہے وہ اچھی سے اچھی تعلیم مہیّا کرنا ٬ بزنس اپنی جگہ مگر ٹارگٹ یہ ہے کہ اپنے کالج کو ایک اونچے مقام پر پہنچانا ۔ اس کے لئے میں اور میرا پورا اسٹاف دن رات محنت کر رہے ہیں٬ اور اپنے کالج کو ماشاءاللّہ بہت آگے دیکھتی ہوں۔
س) آپ کے کالج نے اب تک کوئی کارنامہ سر انجام دیا ہے؟
ج) ہمیں کالج کھولے ہوے ابھی ۲برس بھی پورے نہیں ہوئے ہیں یہ ہمارا پہلا Batchہے ٬ مگر اسکے باوجود ہمارے کالج کو (International Exhibition)کے لئے منتحب کیا گیا تھا جو کہ اسلام آبادمیں منقعد ہو رہاتھامگر بدقسمتی سے یہ ملتوی ہوگیا٬یہ ہمارے کالج کے لئے بہت اعززاز کی بات تھی کیوں کہ اس (Exhibition)کے لئے حیدراباد سے دو کالج منتخب ہوئے تھےایک سٹی کالج اور ہمارا کالج۔
س) اسکی ملتوی ہونے کی وجہ ؟
ج) آئے دن کی ہڑتال٬ملکی حالات اور اوپر سے الیکشن کی آمد۔ ان وجوہات کی بناءپر یہ ملتوی ہو گیا۔
س) آپ کو اسکے ملتوی ہونے کا کتنا نا افسوس ہے؟
ج) بے حد افسوس ہے کیونکہ اس کے لئے ہم نے بہت محنت کی تھی اور ہمارے ۲ طلبہ بھی سلیکٹ ہوئے تھے جو ف ±ل فری اسکالر شپ کے لئے کوالیفائی کرتے پاکستان کی کسی بھی یونیورسٹی کے لئے مگر بہرحال ہمیں ا ±مید ہے کہ یہ بہت جلددوبارہ منقعد کیا جائے گا۔
س) تعلیم کے حوالے سے آپ کچھ کہنا چاہیں گی؟
ج) ویسے تو ہمارا پورا نظام خراب ہے خاص طور پر نظامِ تعلیم انتہائی خراب ہے۔ سب کچھ بوڑڈ کے ہاتھ میں ہے ٬ کالج کے ہاتھ میں کچھ بھی نہیں ہے۔ کم از کم کچھ تو اختیارات کالج کے ہاتھ میں بھی ہونے چاہیے۔جیسے یونیورسٹی میں سب کچھ ا ±نکے ہاتھ میں ہے ہمیں سب کچھ نہیں مگر کچھ تو ہونے چاہیے۔ جیسا کہ پہلے ہوا کرتا تھا۔
س) طلبہ کے لئے کوئی پیغام دینا چاہیں گی؟
ج) میں تمام طالبعلموں کو یہی کہنا چاہوںگی کہ وہ دل لگا کر تعلیم حاصل کریں٬ یہ نہ دیکھیں کہ فلاں اسٹوڈنٹ نے بورڈ میں پیسے دے کر A-1بنوالیا٬ فلاں پڑھنے میں ایسا تھا ا ±سکا ایسا رزلٹ کیسے آگیا؟ آپ اپنی پوری توجّہ پڑھائی پر رکھیں٬ اگر آپ پڑھ کر Cگریڈ حاصل کرتے ہیں تو آپ A-1بنوانے والے سے کافی بہتر ہیں٬ ایسا نہیں ہے کہ جس نے رزلٹ بنوالیا وہ کامیاب ہو گیا ٬ جو محنت سے پڑھتے ہیں اور جو پیسے دےکر یا سفارش کے ذریعے رزلٹ بنواتے ہیں ا ±ن دونوں میں زمین آسمان کا فرق ہوتا ہے۔ 

Labels: ,

حسيب ناياب منگي کان شڪارپور متعلق انٽرويو


شڪارپور جي نوجوان ليکڪ حسيب ناياب منگي کان شڪارپور متعلق انٽرويو
اطهرالدين ابڙو

شڪارپور ۾ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ”نقش“ ناياب منگيءَ جي گهر ۾ 2 جنوري 1987ع تي جنم وٺندڙ نوجوان ليکڪ حسيب ناياب پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي پاڙي واري شاهه حسين پرائمري اسڪول مان پاس ڪري شهر جي مشهور قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري شاهه لطيف ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته بي.اي ۽ ايم.اي (سنڌي) جا امتحان شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. هو ننڍي هوندي کان پنهنجي والد جي نگراني هيٺ لکندو رهي ٿو، گهڻي وقت کان هو تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلي شڪارپور جي تاريخ ۽ ان جي مشهور شخصيتن تي لکندو رهي ٿو، هن وقت هو هر پرائيويٽ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار آهي. اچو ته ساڻس ڳالهه ٻول ڪريون

سوال: اوهان ادب جي دنيا ۾ پير ڪيئن پاتو ؟
جواب: ادا اکيون کوليون ته پنهنجي گهر ۾ ڪتابن ۽ پنهنجي والد کي لکندي ڏٺو، منهنجو والد مون کي هميشه پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ڪتابن جو مطالعو ڪندو هيو آئون به انهن سان گڏ ڪتاب پڙهندي پڙهندي پڙهڻ،کين ڏسندي ۽ سندن رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: اوهان نثر ۽ نظم ۾ ڪهڙي ڪهڙي صنف ۾ لکي چُڪا آهيو ؟
جواب: ادا مان نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻي جڏهن ته شاعريءَ ۾ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهيان، ان کانسواءِ ڪيترن ئي تاريخي مضمونن ۽ مقالن توڙي ڪهاڻين جو ٻين ٻولين مان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپائي چڪو آهيان.
سوال:ادا شڪارپور اوهان جو موضوع ڪيئن بڻي؟
جواب: مان اوهان کي ٿورو تفصيل سان ٻڌائيندو هلان ته شڪارپور جي تاريخ تي صحيح نموني تحقيق ڪرڻ جو ڏانءُ پنهنجي شڪارپوري دوستن کي منهنجي والد جي صحبت ۾ مليو، هو جڏهن اول ڪشمور ۽ پوءِ روهڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ دوران جيڪو شڪارپور متعلق انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ مواد گڏ ڪيو هئائون تنهن کي دوستن جي سامهون آڻي انهن کي شهر جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ ۾ منهنجي والد جو اهم ڪردار ادا ٿيل آهي، هو سالن جا سال شهر جي ڪنهن تاريخي عمارت يا ڪتبي تي تحقيق ڪندا رهندا هئا جيئن پڙهندڙن ۽ شاگردن جون راهون هموار ٿين ۽ ماضيءَ ۾ جن ليکڪن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي تن کي وائکو ڪري حقيقت کي نروار ڪرڻ ۾ سندن ڪردار ادا ٿيل آهي، انهن مان جيڪو ڪجهه پرايو ۽ سندن وفات کانپوءِ انهن جي اڌ ۾ ڇڏيل پورهئي کي مڪمل ڪري ۽ جن عنوانن تي اڃان ادبي ڪم ڪري نه سگهيا تن کي منظر عام تي آڻي هڪ طرف پنهنجو فرض مڪمل ڪري رهيو آهيان ۽ ٻئي طرف شڪارپور جي تاريخ جا وکريل ورق به محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
سوال: هن وقت تائين اوهان انهن ڪهڙن موضوعن تي لکي چڪا آهيو جن تي ماضيءَ ۾ ڪم نه ٿي سگهيو آهي؟
جواب: ادا هن وقت تائين مان شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي چاليهن کان مٿي تحقيقي ۽ تاريخي مضمون ۽ مقالا لکي چُڪو آهيان، جن ۾ ”شڪارپور جي امام بارگاهن جي تاريخ“، ”شڪارپور جي انڊرگرائونڊ ڊرينج سسٽم جي تاريخ“،”شڪارپور ۾ شاهه جي رسالي جو مطالعو“، ”سامي سان وابسته ماڳن جو تعارف“، ”شڪارپور جي تاريخ جو ابتدائي ورق: جتوئي پرڳڻو“، ”شڪارپور جي عورتن جو سنڌي ادب ۾ حصو“،”شڪارپور جو هاٿيدر“،”ميونسپل اسڪولس بورڊ شڪارپور جي تاريخ“، ”شڪارپور متعلق ڇپيل جاگرافين جو تنقيدي جائزو“ ، ”شڪارپور ۾ واپاري تعليم جي مرڪزن: اوجهن جي تاريخ“ ۽”شڪارپور ۾ ڪاٺي جو ڪم ڪندڙ خاندانن جو تعارف“ اهڙا مضمون ۽ مقالا آهن آهن جيڪي پنهنجي تاريخ ۾ نوان ۽ اهم آهن.
سوال: اهي ته تاريخي ۽ مختلف ماڳن جي حوالي سان اوهان جي پوهئي جو مختصر وچور هو، هن ۾ شخصيتن جو ذڪر ته ڪونهي جن متعلق اوهان سويل پئي ٻڌايو ؟
جواب: ڀاءُ آئون شڪارپور جي چاليهن کان مٿي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ تعليمي شخصيتن جا تعارف ۽ انهن جي ادبي توڙي سماجي ۽ سياسي خدمتن تي لکي چڪو آهيان، اهو منهنجو اصول رهيو آهي ته آئون شخصي حوالي سان ان موضوع  تي قلم ئي نه کڻندو آهيان جن تي اول ڪم ٿيل هوندو آهي، ها البته ماضيءَ ۾ جن ليکڪن کان انهن شخصيتن متعلق ڪي غلطيون ۽ ڪا معلومات رهجي وئي هوندي آهي ته تحقيق ڪري آئون ان شخصيت تي لکي وٺندو آهيان هاڻي ان حوالي سان منهنجو هڪ ڪتاب ڪمپوز ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انهن شخصيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جن تي گهڻي ڀاڱي ماضيءَ ۾ قلم ئي ناهي کنيو ويو .
سوال: اوهان جي نظر ۾ شڪارپور لاءِ اهي ڪهڙا موضوع آهن جن تي لکڻ گهرجي؟
جواب: مان سمجهان ٿو ته شڪارپور جي سياسي، تعليمي ۽ واپاري تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ائين جيڪڏهن ڪو قلم کڻندو ته شڪارپور جي مڪمل تاريخ جا اهي رخ به مڪمل ٿيندا ويندا.
سوال: شڪارپور تي جيڪو ڪم ٿيو آهي تنهن کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو ؟
جواب: ادا شڪارپور تي هن وقت تائين مختلف م
وضوعن سان ڀرپور ڏهه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن اهي پنهنجي لحاظ کان صحيح ۽ شڪارپور جي تاريخ جي حوالي سان ڪي راهون هموار ڪندڙ ضرور آهن ۽ شاگردن لاءِ هڪ هٿي ثابت ٿيا آهن، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ غلطيون جيڪڏهن رهجي وڃن ته انهن تي ٻين لکندڙن جو به تحقيق ڪرڻ فرض آهي صرف جيڪو ڪجهه اسان جي حصي ۾ آيو آهي ان تي ڀاڙڻ ناداني ٿيندي .
سوال: اوهان ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪئين ٿا ڏسو ته شڪارپور جي مسئلن جو حل ڪئين ٿي سگهي ٿو ؟
جواب: ان سوال جو جواب اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي شهر لاءِ وقف ڪري ڇڏجي ته شهر مان مسئلا حل ٿيندا ويندا، جن جي حصي ۾ جيڪو ڪم اچي ٿو تنهن کي هو ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي پنهنجي شهر کي مسئلن کان آزاد ڪرائي سگهن ٿا.    
سوال:پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب: ادا پيغام اهو ڏيڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي وطن سان پيار ڪريو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪريو، پنهنجي شهر جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڏڙن کان انٽرويو ڪريو ۽ تحقيق ڪري پنهنجي شهر جي صحيح تاريخ کي ورقن ۾ سمائي ايندڙ نسل لاءِ راهن کي هموار ڪريو. 

Labels: ,

Monday, December 7, 2015

Interview with dance Ustad Ghulam Hussain



شاھنواز خاصخیلی
ماسٽر  غلام حسين   جو انٽرويو
غلام حسين  عرف ماسٽر  غلام حسين سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ شير خان لغاري ۾ 12 جنوري 1962ع ۾ پيدا ٿيو  ، سندس پيدائش مذهبي گهراڻي ۾ ٿي، غلام حسين جي والد جو نالو جمعو ۽ سندن ذات خاصخيلي آهي، هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ شهدادپور ۽ انٽر جي تعليم ڊگري ڪاليج شهدادپور مان ڪئي،  1995 ع سندس شادي  ٿي، کيس هڪ پٽ ۽ ٽي نياڻيون آهن، چار ڀينرن ۽ ڇهه ڀائرن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، سندس وجهه شهرت ڪلاسڪيل ڊانس ۽ مشهور مور ڊانس آهي،  ماسٽر غلام حسين پاڪستان توڙي ڪيترن ئي ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي،  ڇهين ڪلاس کان غلام حسين اسڪولن ۾  ٿيندڙ فنڪشن ۾ ڊانس ڪندو هو، اسڪولن ۾ ڇوڪري جي ڪردار ڪري ڊانس ڪرڻ تي کيس مائٽن طرفان ڪيترائي دفعا مارڪٽ به ڪئي وئي پر سندس ڊانس ڪرڻ جو جنون گهٽجڻ بدران وڌندو ويو، انٽر بعد غلام حسين حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو ڇو ته سندس ڀائرن جي ڊيوٽي اتي هوندي هئي،  حيدرآباد اچڻ بعد  ماسٽر غلام حسين باقائدگي سان ناچ سکڻ شروع ڪيو، اسلام آباد پاڙي ۾ سن رائيز ڪلب ۾ سندس استاد ابراهيم لچڪي ۽ مشهور ڊانسر ماسٽر صديق عرف بوبي کيس ڊانس جي تربيت ڏني، سن رائيز ڪلب ۾ کيس استاد ابراهيم لچڪي کيس ڌاڳو ٻڌي شاگرد ڪيو، ماسٽر غلام حسين پاڪستان سميت، ايران ، جرمني، دبئي، مسقط، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، حيدرآباد جي راڻي باغ جي هڪ پروگرام ۾ سندس فن ڏسي پي ٽي وي جي اڳوڻي جرنل مئنجير مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس پي ٽي وي جي پروگرام پرک ۽ ٻين ۾ جڳهه ڏني، ان بعد ماسٽر غلام حسين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي،  لطيف ايوارڊ، ترڪي جي صدر جي ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ سميت سوين ايوارڊ فن مڃتا طور کيس مليا آهن، ماسٽر غلام   حسين جي شاگردن جو تعداد به هڪ سئو کان مٿي آهي،  جهرندڙ عمر جي باوجود غلام حسين جو نه جنون گهٽ ٿيو آهي نه  سندس  شوق شڪست کاڌي آهي، ڪوٽڙي جي ريلوي لائين  جي هڪ ڪمري وري ڪوارٽر نما گهر ۾ رهندڙ ماسٽر غلام حسين کان انٽرويو ڪرڻ لاءِ پهتس، ماسٽر پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ تمام دلچسپ ڳالهيون ٻڌايون

سوال؛ ماسٽر ڊانس جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ڪڏهن ٿيو ؟  
جواب؛ جڏهن مان ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هئس ته اسڪول ۾ ننڍا پروگرام ٿيندا هئا، جن ۾ آئون حصو وٺندو هئس، جڏهن منهنجي ڳوٺ ۾ ڪا شادي وغيره ٿيندي هئي ، اڳ ۾ شادين ۾ ناچو ايندا هئا،  پوءِ جڏهن ناچو نچندا هئا ته انهن جي پيرن کي مان غور سان ڏسندو هئس ته اهي ڪيئن ٿا نچن؟ ان جي آواز پياري لڳندي هئي، ان کان علاوه موسيقي سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، جڏهن شهدادپور هائي اسڪول ۾ ڇهين جماعت داخلا ورتي ته اتي به وڏا پروگرام ٿيندا هئا،  اتي هڪ پروگرام ۾ مون ڇوڪري جو ڪردار ادا ڪيو، انهي پروگرام ۾ مون پرفارمنس سان ڪيو، اداڪاري سان گڏ ڊانس ڪيو، جڏهن اها خبر گهروارن کي پئي ته مون کي تمام گهڻي مارڪٽ ڪئي وئي، مار ياد آهي پر وقت نٿو ڀلجان، اندر جو جنون مارڪٽ سان نٿي نڪري سگهيو، ڳوٺ ۾ مامي جي ڍڳن جا پٽي واري گهنگرو چوري ڪري اهي پائي مان اڪيلو وڃي جهنگ ۾ رقص ڪندو هئس، اها 1971ع جي ڳالهه آهي جڏهن مان پرائمري پڙهندو هئس، امان چوندي هئي ته ڪاٺيون ڪري اچو، آئون امان کي چوندو هئس ته آئون ٿو وڃان، اصل ۾ مون کي ڪاٺين جو شوق نه پر جهنگ ۾ رقص ڪرڻ جو جنون هو، گهنگرو جهنگ ۾ لڪائي ڇڏيندو هئس، هڪ دفعو ڪنهن ڳوٺاڻي مون کي رقص ڪندي ڏسي ورتو، جنهن منهنجي گهر ٻڌايو، مامي کي جڏهن خبر پئي ته مامي پٽن سان مون کي ماريو، مارڪٽ باوجود جنون اهو ئي ساڳيو، مارڪٽ دوران امان بچائيند هئي ۽ وڏي ڀيڻ ٽاڪوڙ ڪندي هئي، وڏي ڀيڻ تمام گهڻو ڀائيندي هي.
    
سوال؛ باقائده فن جي سکيا ڪٿان ورتي؟ 
     جواب؛ شهدادپور ۾ جنهن گهر ۾ رهندو هئس اهو ڀيڻيويو جو گهر هو، ان گهر جي سامهون ريڊيو پاڪستان جو هڪ فنڪار استاد طفيل خان رهندو هو، اهو جڏهن ته رياض ڪندو هو آئون وڃي اتي ويهي رهندو هئس، ائون هن کي مامو ڪري سڏيندو هئس، استاد طفيل راڳ، سر ۽ تال ۾ منهنجو استاد رهيو، هڪ دفعي وري هڪ پروگرام ۾  ڊانس ڪيم ته گهروارن ڏاڍو ماريو، منهنجون رڙيون ٻڌي استاد طفيل گهر جو دروازو وڄايو، بابا ٻاهر نڪتو، استاد طفيل حاجي جمعي کي سمجهايو ته ڇوڪري کي مارڻ سان ڪجهه نه ورندو، وڌيڪ خراب ٿيندو، بابا چيو ته هن نالو  بدنام ڪيو آهي، استاد طفيل چيو ته ڇوڪرو ڀلو آهي، هن ۾ فن جو جنون آهي،  پوءِ بابا کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي،  جنهن بعد گهر جي ڀرسان بلوچن جي پاڙي ۾  شادي ۾ مشهور ڊانسر استاد ابراهيم لچڪ آيو،  هن جي ڊانس ڏسڻ دوران استاد ابراهيم جو پوئلڳ ٿي پيس، استاد طفيل خان منهنجي ٻانهن ابراهيم لچڪ حوالي ڪئي، هن مون کان واعدو ورتو ته تعليم پوري ڪندي مون هائوڪار ڪئي، جنهن بعد استاد ابراهيم لچڪ مون کي ڌاڳو ٻڌو، ست رپئي جي مٺائي وٺي آيس ۽ ٻن رپين جا گلاب جا گل وٺي آيس،  استاد طفيل منهنجي طرفان انهي وقت ويهه رپيا استاد ابراهيم لچڪ کي ويهه رپيا نذرانو ڏنو ۽ سندي طرفان اجرڪ پڻ ڏني، جنهن بعد آئون ڪوٽڙي مان حيدرآباد رائيز ڪلب تي ويندو هئس ۽ ڊانس سکندو هئس 

سوال؛ مور ڊانس ڪرڻ جو شوق ڪيئن ٿيو ۽ ان ۾ ڪيترويون ڏکيائون پيش آيون؟           جواب؛ ڀٽي صاحب جي دور حڪومت ۾ پي ٽي وي تي هڪ پروگرام هلندو پائل نالي سان جنهن ۾ ناهيد صديقي ڊانس  ڪندي هئي، ٻئي هڪ پروگرام  ۾  ايمي مين والي ڊانس ڪندي هئي، ناهيد صديقي مور جو ڊانس ڪندي هئي، جيڪو مونکي تمام گهڻو وڻندو هو، وقت گذرندو ويو ۽ ناچ سکندو رهيس نيٺ 1985ع ۾ استاد کي چيم ته استاد آئون پنهنجي سڃاڻپ الڳ ٺاهڻ چاهيان ٿو، جنهن سان ماڻهو هميشه ياد رکن، استاد کي ٻڌايم ته مور جي ڊانس ڪرڻ چاهيان ٿو استاد چيو ته اهو ڏکيو ڪم آهي، مور جا پر ڪٿان ايندا، اهو لباس ٺهندو ڪيئن، مون استاد کي چيو ته جنون آهي ته سڀ ڪجهه ٿي ويندو آهي، 1987ع ۾ پر گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، لباس ٺاهڻ نه اچي، استاد مرحوم حميد چوڌري منهنجي استاد جو استاد ، انهي طريقو ٻڌايو، مون سئو پر ورتا، استاد چيو ته هزار پر کپن، پوءِ پروگرامن مان جيڪوڪمائيندو هئس پر وٺندو هئس، جيئن تيئن ڪري پنج ڇهه سئو پر ورتا، 1989ع ۾ استاد مور جو لباس ٺاهڻ سيکاريو، موچي سان گڏ ڪم شروع ڪيم، مور لباس ٺاهڻ کانپوءِ پهريون پروگرام 1990ع سنڌيالاجي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيو، ان پروگرام بعد شهرت وڌندي وئي.                                                              
سوال؛ ٽي وي اسڪرين تي ڪنهن ۽ ڪڏهن متعارف ڪرايو؟ 
 جواب؛  1992 ع ۾ راڻي باغ حيدرآباد ۾ اوپن ٿيٽر پروگرام ٿيو، اتي ورائٽي شو ۾ پرفارم ڪيم، ان پروگرام ۾ پي ٽي وي جو جرنل مئينجر مرحوم عبدالڪريم بلوچ به آيو هو، ان منهنجي پرفارم ڏٺي ۽ ان کي ڏاڍي پسند آئي ۽ عبدالڪريم بلوچ مون وٽ ويو شاباش ڏني، اتي خواهش ظاهر ڪيم ته مون کي ٽي وي پروگرام ۾ جڳهه ڏني وڃي، جنهن تي عبدالڪريم بلوچ اتي بيٺل پروڊيوسر  حميد هاليپوٽو کي چيو ته هن کي عيد شو ۽ پرک پروگرام ۾ کڻو، ٽي وي اسڪرين تي آڻڻ ۾ عبدالڪريم بلوچ هو، هن مون کي پي ٽي وي تي متعارف ڪرايو، پي ٽي وي تي اچڻ بعد جڳ مشهور ٿي ويس، عبدالڪريم بلوچ ڏاڍو ڀائيندو هو. 
                            
سوال؛  شادي پسند ته ڪئي يا ماءُ پيءُ جي مرضي سان؟    
جواب؛ شادي ماءُ پيءُ جي مرضي سان ڪئي.  
                                   
سوال؛ زندگي جو ڪو اهڙو ڏک جيڪو وسري نه سگهيو هجي؟   
جواب؛ 2000 ع ۾ سنڌ ميوزم ۾ هڪ پروگرام ڪيم، پروگرام ۾ منهنجي انٽري جي اعلان ٿي ويو ۽ مان وڃڻ لڳس ته منهنجي شاگرد سڏ ڪيو استاد، استاد ضروري فون آهي، مون چيو ته منهنجي انٽري ٿي وئي آهي، شاگرد چيو ته استاد تنهنجي والده گذاري وئي آهي، منهنجا حوصلا خطا ٿي ويا پر مون برداشت ڪيو، مون شاگرد کي چيو ته فون کي بند ڪر، ان باوجود ۾ اسٽيج تي سخت تڪليف واري ڪيفيت ۾ پرفارم ڪيو، پر اها ڪيفيت مون ظاهر نه ڪئي، ڊانس ختم ڪري مون بيگ تيار ڪيو ۽ ڳوٺ وڃڻ لاءِ نڪتس،  پئسا به نه ورتم، گهر پهتس، سياري جي رات هئي،  رات جا ٻه ٿياهئا، سڄي رات ويهي گذاريم ، فجر جي وقت گاڏي بوڪ ڪرائي ڳوٺ پهتس ۽ امان جي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيس 
سوال؛ خراب ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟ 
جواب؛ ڪوڙ ۽ لالچي ماڻهو کان سخت نفرت آهي
                            ،
سوال؛ کائڻ ۾ ڇا پسند آهي؟
                             جواب؛ کائڻ ۾ جيڪي الله جي نعمت هجي سڀ پسند آهي پر شامي ڪباب ۽ کيرڻي گهڻي پسند آهي
                     .
سوال؛ سٺي ڳالهه ڪهڙي لڳندي آهي؟  
جواب؛ سچ تمام گهڻو پسند آهي.
                
سوال؛ پسنديده لباس؟
جواب؛ پينٽ شرٽ، جينيز  
         
سوال ؛ پسنديده سياسي شخصيت 
جواب؛ محترمه بينظير ڀٽو

سوال؛ پسنديده فلمي شخصيتون؟ 
جواب؛ پاڪستاني اداڪاره راني، اداڪاره زمرد، اداڪاره انجمن ، انڊيا ۾ وحيده رحمان، پدمني، وجنتي مالا، ريکا، ماڌوري، جيئا پراڌا، سري ديوي، هيما مالني                                                                                                  
سوال؛ڪو  آخري پيغام ڏيندو؟  
جواب؛ هڪ ڏينهن الله ڏي وڃڻو آهي، اهو اسان جو حقيقي مالڪ آ، پنج وقت اذان اچي ٿي، ان لاءِ نماز پڙهو، نماز ۾ ڇوٽڪارو آهي، الله جون ڪيتريون ئي نعمتون آهن، نماز نه ڇڏيو، نماز قائم ڪريو
Practical work carried under supervision of Sir Sohail Sangi

Labels: ,