Wednesday, May 18, 2016

شڪارپور جون قديم جايون



شڪارپور جون قديم جايون ۽ انهن جي سار سنڀال
اطهرالدين ابڙوArticle by ;
2k13/mc/22


   
شڪارپور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو باب آهي جنهن جي تاريخ جي مختلف موضوعن جي حوالي سان تحقيقي پورهئي اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته شڪارپور دنيا جي انهن هڪ سو قديم ۽ خوبصورت  شهرن ۾ شامل ٿي ويو جنهن جي سونهن ۽ سڃاڻپ ان جون قديم جايون ۽ ورثو هيو. ان قديمي ورثي جي سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري شهر جي سونهن کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو آهي.
شڪارپور جي تاريخي جاين ۾ ٿيل ڪاٺ جي شهڪار (آرٽ) کي ماڻهن ڊهرائي يا ته وڪڻي ڇڏيو يا وري چلھ ۾ ٻاري ساڙي ڇڏيو. پلاسٽر آف پئرس  سان شڪارپور جي ڪمانگرن جي ڪمانگري لاجواب هئي، ان ڪري چوان ٿو ته شڪارپور مان گهڻي ڀاڱي اهو ڪم ختم ٿي چڪو آهي ان طرف جيڪڏهن ڏيان ڪبو ته بلڊنگ مافيا پنهنجي هڙ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ قديم جاين جي سونهن وارو مٽيريل هتان  بي هنڌ وڪڻائي ٿي. هن شهر جي ظاهري سجاوٽ کي ختم ڪرائڻ ۾ گهڻو قدر ڪامياب ويا آهن. ڪي شعوري شهري اهڙا آهن جيڪي ان طرف خاص ڌيان ڏيندي پنهنجي گهرن ۾ بابلاڻي ڪاريگرن جي چٽسالي، لوهرن جي لوهي ڪم ۽ ڪمانگرن جي ڪمانگري کي اڄ تائين محفوظ ساھ ۾ سانڍيندا اچن ٿا. ان ڏس ۾ راين اي ڊي انجنيرنگ يونيورسٽي ڪراچي جي هيريٽيج شعبي خاص دلچسپي ورتي آهي جنهن شڪارپور تي نه صرف به جلدي ڪتاب ڇپرائي وقت به وقت شهر جي تاريخي ورثي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪانفرنسون۽ ميڙاڪا ڪرائي اها سجاڳي عام ٿا ڪن ته
شڪارپور جي قديم ورثي کي بچايو.
شڪارپور جي قديم ۽ تاريخي جاين مان هڪ اسڪول نمبر 2 نهايت اهم ۽ پراڻي جاءِ آهي جيڪا اسثيشن روڊ تي واقع آهي جيڪا 1929ع جي تيار ٿيل آهي هي بلڊ نگ ظاهري طور تي ڪنهن محل کان گهٽ نه لڳندي پر وقت به وقت سندس بلڊنگ جا حصا جهريل ۽ ٽٽل نظر ايندا رهيا آهن ساڳي قسم جي شڪايت چيلاسنگھ ۽ ستيل داس ڪاليج جي پڻ نظر ايندي.  هي بلڊنگ 1933ع ۾ ٺهي راس ٿي پر هاڻي ان جي مختلف هنڌن جون ڇتون ڇڻندي ۽ ٽٽل نظر اينديون آهن. لکيدر وارو پرائمري اسڪول ڏانهن وکون کڻندا هلنداسين ته سندس ديوارون ڪتبن جي مدد سان پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائينديون ته سندس بلڊنگ 1933ع ۾ تيار ٿي۽ اڄ سندس تاريخي حيثيت تي برقرار آهي مگر سارسنڀال نه ٿيڻ جي ڪري هاڻي پنهنجو اصل ڏيک ويک کان اجڙيل محسوس ٿي رهي آهي.انهن ٽنهي اهم عمارتن جو ذڪر ان ڪري به تذڪري ۾ شامل ڪيو ويو ته  انهن ۾ مستقبل جا معمار علم جي زيور سان سرفراز ٿي رهيا آهن. ڳڻتي جوڳي ڳالھ اها آهي ته اهڙين بلڊنگس
ڏانهن توجھ نه ڏني وئي ته نقصان جو خدشو ٿي سگهي ٿو.
شڪارپور جي جامعا مسجد لکيدر تي موجود آهي جيڪا وري دور جي هڪ يادگار مسجد آهي.هي مسجد هن وقت اوقاف کاتي جي حوالي ٿيل آهي مگر سندس حالت رحم جوڳي اٿس. حضرت حاجي فقير الله علوي رضي جو مقبرو جيڪو 1907ع ۾ تيار ٿيو سندس بلڊنگ شاندار ۽ ڏسڻ وٽان آهي ڪاريگرن جي نفاست سان ٿيل پورهيو قابل داد آهي. انهن ٻنهي اهم عمارتن ڏانهن خاص ڌيان ڏنو وڃي.جيئن ٻيو به پيار جو پورهيو محفوظ رهي سگهي ۽ اسان جا شهري نوجوان پنهنجي تاريخي ورثي کان واقف ٿي سندس قدر ڪن.
شڪارپور جي تاريخي عمارتن سان لکيدر تي موجود ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس  اڳ ۾ ڪنهن هندو سيٺ جو گهر هو ۽ گڏوگڏ سندس پٺيان واري گهٽيءَ ۾ شاھ لطيف ڪاليج جي اڳوڻي بلڊنگ جنهن لاءِ پڻ اهو مشهور آهي. تنهن ڪنهن پڙهيل لکيل شخص اها بلڊنگ تعليم لاءِ عام ڪئي سي پڻ خاص توجھ جي طلبگار آهن. لکيدر واريون نارائڻ فواس بلڊنگ ۽ انڊس هوٽل جي مٿان واري بلڊنگس سار سنڀال ٿيڻ کان پوءِ اڄ به پنهنجي اهميت کي پاڻ ظاهر ٿيون ڪن. سماڌا آشرم جي خوبصورت بلڊنگ قدامت جي لحاظ کان به اهم آهي ته ڌرمي حوالي سان به سندس ڳاٽ اوچو آهي گڏوگڏ  واري ڌرمسال ۾ ٿيل ڪاٺي جو شاهڪار ڪم اڄ به جڳ ۾ سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي اهي قديم جايون آهن جن جي تاريخي اهميت تي آهي مگر سندس حالت به سٺي
برقرار رهي آهي.

اهڙي طرح سول اسپتال جي پراڻي بلڊنگ جي مختلف جاين تي نشان ٿيل قديمي ونگ ۽ بازار توڙي ٻين جاين ڏسنهن حڪومت شڪارپور جا ماڻهو خاص ڌيان ڏين ته جيئن اسان جوورثو به
قائم رهي ۽ انهن جي اهميت کان به دنيا واقف ٿي سگهي.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home