Wednesday, May 18, 2016

حسيب ناياب منگي کان شڪارپور متعلق انٽرويو


شڪارپور جي نوجوان ليکڪ حسيب ناياب منگي کان شڪارپور متعلق انٽرويو
اطهرالدين ابڙو

شڪارپور ۾ سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ”نقش“ ناياب منگيءَ جي گهر ۾ 2 جنوري 1987ع تي جنم وٺندڙ نوجوان ليکڪ حسيب ناياب پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي پاڙي واري شاهه حسين پرائمري اسڪول مان پاس ڪري شهر جي مشهور قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري شاهه لطيف ڪاليج مان انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، جڏهن ته بي.اي ۽ ايم.اي (سنڌي) جا امتحان شاه لطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. هو ننڍي هوندي کان پنهنجي والد جي نگراني هيٺ لکندو رهي ٿو، گهڻي وقت کان هو تحقيق جي ڏکئي پيچري تي هلي شڪارپور جي تاريخ ۽ ان جي مشهور شخصيتن تي لکندو رهي ٿو، هن وقت هو هر پرائيويٽ ڪاليج ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار آهي. اچو ته ساڻس ڳالهه ٻول ڪريون

سوال: اوهان ادب جي دنيا ۾ پير ڪيئن پاتو ؟
جواب: ادا اکيون کوليون ته پنهنجي گهر ۾ ڪتابن ۽ پنهنجي والد کي لکندي ڏٺو، منهنجو والد مون کي هميشه پنهنجي ڀر ۾ ويهاري ڪتابن جو مطالعو ڪندو هيو آئون به انهن سان گڏ ڪتاب پڙهندي پڙهندي پڙهڻ،کين ڏسندي ۽ سندن رهبريءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.
سوال: اوهان نثر ۽ نظم ۾ ڪهڙي ڪهڙي صنف ۾ لکي چُڪا آهيو ؟
جواب: ادا مان نثر ۾ مضمون ۽ ڪهاڻي جڏهن ته شاعريءَ ۾ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري چڪو آهيان، ان کانسواءِ ڪيترن ئي تاريخي مضمونن ۽ مقالن توڙي ڪهاڻين جو ٻين ٻولين مان سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪري ڇپائي چڪو آهيان.
سوال:ادا شڪارپور اوهان جو موضوع ڪيئن بڻي؟
جواب: مان اوهان کي ٿورو تفصيل سان ٻڌائيندو هلان ته شڪارپور جي تاريخ تي صحيح نموني تحقيق ڪرڻ جو ڏانءُ پنهنجي شڪارپوري دوستن کي منهنجي والد جي صحبت ۾ مليو، هو جڏهن اول ڪشمور ۽ پوءِ روهڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ دوران جيڪو شڪارپور متعلق انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ مواد گڏ ڪيو هئائون تنهن کي دوستن جي سامهون آڻي انهن کي شهر جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ اڪسائڻ ۾ منهنجي والد جو اهم ڪردار ادا ٿيل آهي، هو سالن جا سال شهر جي ڪنهن تاريخي عمارت يا ڪتبي تي تحقيق ڪندا رهندا هئا جيئن پڙهندڙن ۽ شاگردن جون راهون هموار ٿين ۽ ماضيءَ ۾ جن ليکڪن تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي تن کي وائکو ڪري حقيقت کي نروار ڪرڻ ۾ سندن ڪردار ادا ٿيل آهي، انهن مان جيڪو ڪجهه پرايو ۽ سندن وفات کانپوءِ انهن جي اڌ ۾ ڇڏيل پورهئي کي مڪمل ڪري ۽ جن عنوانن تي اڃان ادبي ڪم ڪري نه سگهيا تن کي منظر عام تي آڻي هڪ طرف پنهنجو فرض مڪمل ڪري رهيو آهيان ۽ ٻئي طرف شڪارپور جي تاريخ جا وکريل ورق به محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان.
سوال: هن وقت تائين اوهان انهن ڪهڙن موضوعن تي لکي چڪا آهيو جن تي ماضيءَ ۾ ڪم نه ٿي سگهيو آهي؟
جواب: ادا هن وقت تائين مان شڪارپور جي تاريخ ۽ ان سان وابسته موضوعن تي چاليهن کان مٿي تحقيقي ۽ تاريخي مضمون ۽ مقالا لکي چُڪو آهيان، جن ۾ ”شڪارپور جي امام بارگاهن جي تاريخ“، ”شڪارپور جي انڊرگرائونڊ ڊرينج سسٽم جي تاريخ“،”شڪارپور ۾ شاهه جي رسالي جو مطالعو“، ”سامي سان وابسته ماڳن جو تعارف“، ”شڪارپور جي تاريخ جو ابتدائي ورق: جتوئي پرڳڻو“، ”شڪارپور جي عورتن جو سنڌي ادب ۾ حصو“،”شڪارپور جو هاٿيدر“،”ميونسپل اسڪولس بورڊ شڪارپور جي تاريخ“، ”شڪارپور متعلق ڇپيل جاگرافين جو تنقيدي جائزو“ ، ”شڪارپور ۾ واپاري تعليم جي مرڪزن: اوجهن جي تاريخ“ ۽”شڪارپور ۾ ڪاٺي جو ڪم ڪندڙ خاندانن جو تعارف“ اهڙا مضمون ۽ مقالا آهن آهن جيڪي پنهنجي تاريخ ۾ نوان ۽ اهم آهن.
سوال: اهي ته تاريخي ۽ مختلف ماڳن جي حوالي سان اوهان جي پوهئي جو مختصر وچور هو، هن ۾ شخصيتن جو ذڪر ته ڪونهي جن متعلق اوهان سويل پئي ٻڌايو ؟
جواب: ڀاءُ آئون شڪارپور جي چاليهن کان مٿي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ تعليمي شخصيتن جا تعارف ۽ انهن جي ادبي توڙي سماجي ۽ سياسي خدمتن تي لکي چڪو آهيان، اهو منهنجو اصول رهيو آهي ته آئون شخصي حوالي سان ان موضوع  تي قلم ئي نه کڻندو آهيان جن تي اول ڪم ٿيل هوندو آهي، ها البته ماضيءَ ۾ جن ليکڪن کان انهن شخصيتن متعلق ڪي غلطيون ۽ ڪا معلومات رهجي وئي هوندي آهي ته تحقيق ڪري آئون ان شخصيت تي لکي وٺندو آهيان هاڻي ان حوالي سان منهنجو هڪ ڪتاب ڪمپوز ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انهن شخصيتن جي چونڊ ڪئي وئي آهي جن تي گهڻي ڀاڱي ماضيءَ ۾ قلم ئي ناهي کنيو ويو .
سوال: اوهان جي نظر ۾ شڪارپور لاءِ اهي ڪهڙا موضوع آهن جن تي لکڻ گهرجي؟
جواب: مان سمجهان ٿو ته شڪارپور جي سياسي، تعليمي ۽ واپاري تاريخ تي لکڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ائين جيڪڏهن ڪو قلم کڻندو ته شڪارپور جي مڪمل تاريخ جا اهي رخ به مڪمل ٿيندا ويندا.
سوال: شڪارپور تي جيڪو ڪم ٿيو آهي تنهن کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو ؟
جواب: ادا شڪارپور تي هن وقت تائين مختلف م
وضوعن سان ڀرپور ڏهه ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن اهي پنهنجي لحاظ کان صحيح ۽ شڪارپور جي تاريخ جي حوالي سان ڪي راهون هموار ڪندڙ ضرور آهن ۽ شاگردن لاءِ هڪ هٿي ثابت ٿيا آهن، باقي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ غلطيون جيڪڏهن رهجي وڃن ته انهن تي ٻين لکندڙن جو به تحقيق ڪرڻ فرض آهي صرف جيڪو ڪجهه اسان جي حصي ۾ آيو آهي ان تي ڀاڙڻ ناداني ٿيندي .
سوال: اوهان ليکڪ جي حيثيت ۾ ڪئين ٿا ڏسو ته شڪارپور جي مسئلن جو حل ڪئين ٿي سگهي ٿو ؟
جواب: ان سوال جو جواب اهو ئي ڏئي سگهجي ٿو ته پنهنجو پاڻ کي شهر لاءِ وقف ڪري ڇڏجي ته شهر مان مسئلا حل ٿيندا ويندا، جن جي حصي ۾ جيڪو ڪم اچي ٿو تنهن کي هو ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي پنهنجي شهر کي مسئلن کان آزاد ڪرائي سگهن ٿا.    
سوال:پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام ؟
جواب: ادا پيغام اهو ڏيڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي وطن سان پيار ڪريو ۽ ان جي حفاظت لاءِ ڪو نه ڪو ڪردار ادا ڪريو، پنهنجي شهر جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڏڙن کان انٽرويو ڪريو ۽ تحقيق ڪري پنهنجي شهر جي صحيح تاريخ کي ورقن ۾ سمائي ايندڙ نسل لاءِ راهن کي هموار ڪريو. 

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home