Wednesday, May 18, 2016

شڪارپور جو شاهي باغ




شڪارپور جو شاهي باغ
                                                                                                                                                 اطهر الدين ابڙوFeature by ;
2k13/mc/22                                                                                                                                                  

سنڌ جي سونهن جي نالي سان ڃاتو سڃاتو ويندڙ منهنجو اباڻو شهر شڪارپور پنهنجي سونهن شاهي باغ جي اڄوڪي اجڙيل عڪس تي زارون زار روعيندو هوندو. شهر کان پرڀرو شڪارپور جي وجود کانپوءِ 40 ميل چورس ايراضي تي مشتمل ان باغ کي وجود ڏئي پنهنجي اکڙين کي رونق بخشڻ واسطي ٻوٽن ۽ گلن سان سندس زمين کي سائي چادر اوڍرائي واقعي ناز ڪرڻ جهڙو کيس بڻايو. ڪجھ سالن صدين تائين پنهنجي اوج ۽ تاب سان شڪارپور سميت سنڌ جي ماڻهن جي نگاهن جو مرڪز رهيو.
جڏهن منجهس جانور به رهندا هئا، تڏهن پوري سنڌ کان ماڻهو اچي شاهي باغ جو سير ڪري سرها ٿي ويندا هئا،ان وقت شايد توجھ ۽ خاص ڌيان سبب سڀني جي دلين تي شاهي باغ جو راڄ هو،اڄ اهوشاهي باغ اجڙي چڪو آهي نه منجهس ڪا رونق رهي آهي نه ئي سندس صفائي ٿي رهي آهي.غير ضروري ڪمرن اڏائڻ واري اسڪيم به رولڙي جو شڪار ٿي ته چار ديواريءَ واري جاءِ به گندگي سان ڀرجي وئي.اهو شاهي باغ واقعي شاهي باغ هوندو هو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سندس منجھ گلن جي هٻڪار ماڻهوءَ جي من کي واسي ڇڏيندي هئي،پر هاڻي ته قدم قدم تي گندگي جاڍير ۽ ڌپ ارواھ ئي کڄائي ڇڏيو آهي.
جيئن شڪارپور شهر اجڙي ويو، سم ۽ ڪلر شهر جي بربادي ڪئي، اهڙيءَ طرح بي ڌيانيءَ سبب شاهي باغ به اجڙي ويو اڄ اتي ماڻهن جي رش ناهي، جي اچن ٿا ته فقط نوجوان ڪرڪيٽ کيڏي هليا ٿا وڃن،جتي هر روز شيخ اياز ، نعيم وجدي لعل محمد لعل، ٽئي هڪ هڪ غزل هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا،اتي اڄ ڪا ادبي محفل نٿي ٿئي. رونق مٿان خاموشي جو تيزاب هاريو پيو آهي،ان ۾ ڪنهن جو ڏوھ آهي اهو ته وقت ئي طئي ڪندو مگر دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ اهو چوڻ فقط چوڻ جي حد تائين ڪافي ٿيندو ته هي باغ اهو واحد مرڪز هو جتي هر روز عيد هوندي هئي،هوائون سندس وڻن جي ٽارين کي لوڏي سڀ جي روح کي ريجهائي ڇڏينديون هيون۽ هرڪو اياز جي ڪويتا جهڙا خيال اندر ۾ سمائي گهمندو هو.
سرتا شاهي باغ ۾ انبن جي هيٺيان
او شل مان ٻڌا ٽپ ٽپ سانوڻ مينهن جي.
هن وقت شڪارپور جي شاهي باغ م ڪاٺ جو بنگلو ئي سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي تنهن کي ميرپويدر پويلين به چيو ويندو آهي،اها ڪاٺ جي عمارت هتان جي مشهور بابلاڻي ڪاريگر تيار ڪئي هئي،عمارت جي پيڙ جو پٿر 24 مئي 1871ع تي رکيو ويوجڏهن ته عمارت سيپتمبر  ۾ مڪمل ٿي.
ماضي جي هن باغ اندر ميلا ملاکڙا به لڳي چڪا آحن تاريخ جا ورق اها به ساک ٿا ڀرين ته شاھ شجاع جي وڏي پٽ تيمور شاھ جي ولادت به 1221ھ ۾ هتي ئي ٿي،جنهن جي خوشيءَ ۾ ٽي ڏينهن شهر اندر نوبت نوازي ۽ چراغبندي ٿيندي رهي.

ورهاڱي کانپوءِ هن باغ جو نالو شهيد الله بخش سومرو جي نالي سان رکيو ويو،جيڪو اڄ تائين قائم آهي.ماضيءَ ۾ باغ اندر قسمين قسمين جا ميوا ء۽ گل هوندا هئاپر هاڻي اهو تاريخي باغ اڄ پنهنجي عروج واري منزل تان زوال ڏي اچي چڪو آهي.ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته اهو باغ پنهنجي حالت جيان تاريخي حيثيت به وڃائي ويهندو.

Labels: ,

0 Comments:

Post a Comment

Subscribe to Post Comments [Atom]

<< Home