Sunday, February 16, 2020

Ihsan ali Sangi all pieces


Topics not approved. U were also intimated thru mail
نالو :             احسان علي سانگي
ڪلاس:                   ايم اي فائينل  
رول نمبر:       21
آرٽيڪل
ڪني پاڻي سبب پيدا ٿيندڙ صحت جا مسئلا:
پاڻيءِ کان سواءِ ڪير به جي به ٿو سگهي تندرست رهڻ لاءِ جهجي سلڀ پاڻي ۽ ان جو صاف هجڻ ضروري آهي. جڏهن انسانن ۽ جانورن جي غلازت پيشاب ۽ ڪرفٽي جا جيو گهرڙا پاڻيءَ ۾ ملي وڃن ته اهڙو پاڻي پاڪ صاف نه ٿو رهي پاڻيءَ رستي يا هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين جيو گھرڙا ۽ ڪينئان رسي صحت جو ڪيتريون ئي سنگين بيماريون پيدا ڪري سڄي وسنديءَ کي متاثر ڪري وجهن ٿا.
زرعي صنعتي کاڻين جي ڪيميائي مادن ۽ اڇلايل گند ڪچر سبب پڻ اسان جو پاڻي ڪنو ٿي پيڻ لائق نه ٿو رهي ۽ ڪيترن ئي قسمن جو بيماريون جهڙوڪ چمڙيءَ جا ڳاڙها نشان مختلف قسمن جي ڪينسر ۽ صحت جا ٻيا سنگين مسئلا پيدا ڪري وجهي ٿو.
پيئڻ، رڌ پچاءُ ۽ ڌوپ لاءِ جيڪڏهن پاڻي سلڀ نه هجي ته بيماري ٿي پئجي ٿي خاص طور تي اهڙن حالتن ۾ جڏهن پيٽان ويهڻ کان پوءِ هٿ ملي صاف نه ڪجن، تڏهن دستن جون بيماريون تمام تيزيءَ سان هڪ فرد کان ٻئي فرد تائين پکڙجي سگھن ٿيون. پاڻيءَ جي اڻ هوند سبب سوڪهڙي جي بيماري ٿي پوي ٿي ۽ ماڻهو مري به سگهي ٿو. ججهي پاڻيءَ جي نه هئڻ سبب خشڪ ثالي جڏهن ڊگهي عرصي تائين موسم خشڪ رهي غلازت سبب پاڻيءَ جي اڻاٺ واري صورتحال بدتر اڻاٺ پاڻيءَ جي سنگين غلازت ۾ مٽجي سگهي ٿي. عام طور تي عورتن ۽ ٻارڙن کي پري پري پنڌ تائين پاڻي گڏ ڪرڻو ۽ گهڻو وزن ڍوئڻو پوي ٿو.
پاڻي ڪنو ڪيئن ٿئي ٿو.
جڏهن پاڻيءَ ۾ رڳي جيوگهرڙا ڪينئان ۽ زهريلا ڪيميائي مرڪب شامل ٿي وڃن تڏهن پاڻي ڪنو ٿي وڃي ٿو. رڳي جيوگهرڙا تمام ننڍڙا جيڪي ڪيترن قسمن جون بيماريون پيدا ڪن ٿا ڪينئان جهڙوڪ وِپ ورم ۽ حُڪ ورن ۽ رائونڊ ورم ڪيتريون ئي سنگين بيماريون پيدا ڪن ٿا.
جيوگھرڙا ۽ ڪينئان انسانن ۽ جانورن جي غلازت پيشاب ۽ ڪرفٽي ۾ ٿين سنگين ۽ ڊگهي عرصي تائين بيماريون پيدا ڪن ٿا. انسانن ۽ جانورن جي غلازت جي اڪلاءِ جو سٺو بندو بست نه هجي پاڻيءَ جي ذريعن جو بچاءُ نه ڪجي. اهي ڪالرا جهڙيون بيماريون پيدا ڪن ٿا جيڪي هڪدم پکڙجي ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري وجهن ٿيون. رڳي جيوڙن ۽ ڪينئان سبب ٿيندڙ بيماريون سوڪهڙو، انفيڪشن، رت جي پوڻائي ۽ کاڌي جي اوڻائي جهڙيون سالن تائين لوڙائينديون رهن ٿيون جيئن ته رڳي جيوڙن ۽ ڪينئان سبب ٿيندڙ اهڙيون بيمارين جي هڪ عام نشاني دست آهن تنهنڪري ورلي انهن بيمارين کي دستن جي بيمارين سان به سڏيو وڃي ٿو سڄي دنيا ۾ دستن جي بيماري سبب پيدا ٿيندڙ سوڪهڙو موت جو هڪ وڏي ۾ وڏو ڪارڻ آهي. اهو سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته رڳي جيوڙا ۽ ڪينئان ڪاٿي ڪاٿي ٿي سگھن ٿا خاص طور تي گنديون شيون جهڙوڪ ڪرفٽي ڪنو کاڌو ۽ گندا پائخانه وغيره.
فيچر
ٽوپي: ثقافت، حفاظت، راندين ۽ مذهبن جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ:
ٽوپي، هيڊ ڪيپ، تاج، امامون، پٽڪو ۽ يونيفارم ڪيپ ڪرڪيٽ مٿي ڍڪڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪا شئي جيڪا مختلف نالن ۽ شڪلين جي صورت ۾ موجود آهي انهيءَ کي اسان سنڌي ٻولي ۾ ٽوپي چوندا آهيون. اها هر دور، هر ثقافت، هر تهذيب، هر ملڪ ۾ منفرد انداز سان موجود رهي ٿي ڪڏهن اها طاقت ۽ عظمت جي نشاني بڻجي تاج آهي. ڪڏهن ڪنهن عهدي جي سڃاڻپ بڻجي ڪيپ آهي مطلب ته ساڳي ٽوپي جيڪا مٿي ڍڪڻ جي ڪم اچي ٿي انهيءَ جا ڪارج ڪيترائي ٿي سگھن ٿا. ٽوپيءَ کي جڪڏهن تاريخي لحاظ کان ڏسبو ته سندس وجود تمام آڳاٽو ٿيندو.
مذهبي حوالي سان ٽوپي پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي جيئن دنيا جا مختلف مذهب دنيا ۾ هندو، مسلم، عيسائي، سک ۽ يهودي جهڙا وڏا مذهب مٿي ڌڪڻ کي زور ڏين ٿا مذهب ۾ ٽوپيءَ جو استعمال خدا پالڻهار جي احترام جي نشاني هوندي آهي ۽ ان کي مقدس پڻ سمجهيو ويندو آهي ان ڪري جڏهن به مذهبي ماڻهو پنهنجي عبادت گاهن مندر، گرجاگهر ۾ عبادت جي نيت سان وڃن ٿا.
مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکڻ واريون يعني خاص ڪري پري مرشي يا مختلف مذهبي فرڪن سان تعلق رکڻ وارن جون ٽوپيون پڻ مختلف رنگن ۽ روپن جون ٿين ٿيون. جڏهن ڪنهن مذهبي ماڻهو کي ٽوپي پهريل ڏسبي ته هڪدم ان جي ٽوپيءَ مان معلوم ٿيندو ته هي ماڻهو ڪهڙي گاديءَ جو مريد آهي.
پروفائيل
ولي رام ولڀ
مارئي جي ملڪ ملير جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ڪيترائي وجود ۾ آيا جن ٿر جي ڀٽن کان پنڌ جي شروعات ڪري پوري ملڪ ۾ پنهنجي فني صلاحيت کي ڀرپور انداز سان مڃرايو آهي مارئي جي حب الوطني کان روپلهي ڪولهي جي سوريائي تائين ڪيترائي امر ڪردار اڄ به انهن جي ذهنن ۾ زنده آهن سنڌ سان محبت تي ڪير به پهرا لڳائي نه ٿو سگھي جيئن آهستي آهستي وقت گذرندو رهيو ته هي ننڍرو ٻالڪ ولي رام ولڀ پنهنجي پرائمري تعليم ٿر جي مختلف شهرن جهڙوڪ اسلام ڪوٽ، ڪنري، چيلهار ۽ آخر ۾ مٺيءَ جي ڊسٽرڪٽ بورڊ هاءِ اسڪول مان 1959ع ۾ مئٽرڪ جي ڊگري حاصل ڪيائين سندن شادي اسڪول جي زماني ۾ ٿي هئي. 1957ع ۾ شادي ٿيڻ ڪري گهڻين ذميدارين کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻيلي کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ سان گڏو گڏ پنهنجي تعليم کي به جاري رکيائين 1954ع ۾ سچل سرمست ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ماسٽر جي ڊگري لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ داخلا ورتائين پر نامواقف حالتن جي ڪري پهرين سال ۾ ڇڏي اردو شعبي ۾ ماسٽر ڪرڻ جي ترجيهه ڏنائين. 1967ع ۾ اردو ۾ ماسٽر جي ڊگري ڪيائين. 1969ع ۾ جناح ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ايم فل، پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ 1947ع ۾ ايم فل جي رجسٽريشن کي پي ايڇ ڊي ۾ تبديل ڪيو ويو سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي 1988ع سنڌ ادب ۾ ڪيل ڪم کي مدعي نظر رکندي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ پبليڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو.
انٽرويو
سٺن ٻارن کي پڙهائڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو آهي.
لطف علي شاهه
لطف علي شاهه 25 سالن کان گورنمينٽ سروس سنيٽر ڄامشورو ۾ گونگن ٻارن کي تعليم ڏئي رهيو آهي

سوال: ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ ڪهڙي طرح جو ڪورس هوندو آهي؟
جواب: ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ اهو ڪورس هوندو جيڪو ٻين اسڪولن ۾ پڙهايو ويندو آهي. ابتدائي جماعت ۾ اشارن ۾ زبان سيکاري ويندي آهي. ڇو ته گوندا ٻار ان تي عبور حاصل ڪري سگھن ان کان علاوه انگلش ۽ اردو به پڙهايو ويندو آهي.
سوال: عام زندگيءَ ۾ اهو ڪورس ڪيتري حد تائين گونگن ٻارن جي مدد ڪندو آهي؟
جواب: اهو ڪورس عام زندگيءَ ۾ تمام وڏي مدد ڪندو آهي اردو ۽ انگلش پڙهائڻ ۾ ايترو زور لڳائيندا آهيون ڇو ته اسان جي زبان اردو آهي جيڪا اسان جي ملڪ ۾ ڳالهائي ويندي آهي ان کان سواءِ ناممڪن آهي.
سوال: توهان کي شروعات ۾ پڙهائڻ ۾ ڪيتري مشڪلات ٿيندي آهي؟
جواب: هر ڪم سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪيتران ئي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي پهريان ته انهن نون ٻارن کي اشاري طور سمجهايو ويندو هئو اهو تمام مشڪل ڪم هئو پر پوءِ آهستي آهستي انهن ٻارن پاڻ ئي ڪجهه سکي ورتو.
سوال: توهان هر سال ڪيترن ٻارن کي داخلا ڏيو ٿا؟
جواب: اسان هر سال 20 کان 25 ٻارن کي داخلا ڏيون ٿا پر اسان جي ڪوشش اها هوندي آهي ته ايترن ٻارن کي داخلا ڏيون جن تي اسان به صحيح توجه ڏئي سگهون.
سوال: توها انهن گونگن ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ ڇا محسوس ڪندا آهيو؟    
جواب: مونکي وڏو فخر محسوس ٿيندو آهي ته ڪافي عرصي کان انهن ٻارن کي پڙهايان پيو ۽ اهي گونگا ٻار منهنجي تمام وڏي عزت ڪندا آهن ۽ هر طرح جي لحاظ کان اسين به انهن جي عزت ڪندا آهيون.
سوال: توهان انهن ماڻهن کي ڪهڙو پيغام ڏيندا جيڪي انهن سان سٺو ورتاءُ نه پيا ڪن؟
جواب: مان انهن ماڻهن کي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته توها انهن سان وڏي اخلاق سان ملو ۽ انهن جي بيحد عزت ڪريو ڇو ته هي اسان جي ملڪ جا سرمايا آهن.


انويسٽيگيشن رپورٽ
ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو پريس ڪلب
لاڙڪاڻه پريس ڪلب جو بنياد 1970ع ۾ پيو پر صحافي ان کان به اڳ هئا، ان جي تاريخي عمارت تجر بلڊنگ ۾ ويهي خبرون لکندا هئا جنهن عمارت ۾ ميرن جي صحافي جي گورنر نواب ولي محمد لغاري جو لاش امانت طور رکيو ويو هو اها عمارت اڄ به پريس ڪلب جي ڀر ۾ موجود آهي. 1970ع ڌاري صحافت انجمن صحافيه لاڙڪاڻي جي نالي سان تنظيم ٺاهي ميونسپل ريسٽ هائوس کي پريس ڪلب ٺاهڻ لاءِ درخواست ڏني، ۽ 1973 ع ۾ انجمن صحافيه جو آئين ٺاهيو ويو.
پريس ڪلب جو پهرويون صدر يوسف علي خان (جنگ) ۽ انجمن صحافيه (يونين آف جرنلسٽ) جو پهريون صدر قائم الدين منگي ٿيو. ان وقت جيڪي صحافي هئا انهن ۾ مهدي شيرازي، ڪالخان ڪشميري، عبدالجبار بلوچ، قائم الدين منگي، يوسف علي خان ، محمد موسى سرهيو وغيره وغيره. پريس ڪلب جو ٻيو صدر پي پي آءِ جو احمد خان ڪمال ٿيو. ڪامريڊ جماالدين بخاري لاڙڪاڻي جي صحافت جو وڏو نالو آهي هن انگريزي ۾ بنو ايرا ۽ سنڌي ۾ اخبارون جاري ڪيون.
لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ 1970ع کان 2013ع تائين صحافين ۾ ڪيترائي اختلاف پيدا ٿيا ۽ غروپ ٿيا. شروع ۾ صوبائي وزير احمد يوسف ۽ ڊپٽي ڪمشنر شفيق الرحمان پراچه صلح ڪرايو.
پريس ڪلب ۾ عبرت جو صحافي مرحوم غلام محمد کوسو 12 سالن جو ڊگهو عرصو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي حيصيت ۾ ويٺو رهيو.
ڊان اخبار جو صحافي ڊاڪٽر مولابخش ڪلهوڙو پڻ صدر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو.
1999ع تائين نون صحافين کي پريس ڪلب ۾ ميمبر ٿيڻ يا داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو هئو ايتري قدر جو 7 صحافين راقم سميت سول ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ۽ ڪيس کٽيو پر ان جي باوجود انهن جي ڪورٽ جي ليٽر کي فاڙي اڇلايو ويو ۽ ميمبر شپ نه ڏني وئي جنهن جي ڪري 30 کن صحافين گڏجي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب قائم ڪئي جنهن جو جنرل سيڪريٽري سيد جاويد شاهه ۽ صدر سيد صابر شاهه کي چونڊيو ويو اڳتي هلي 2000ع ۾ علي گل سانگي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري جي اڳواڻي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪري ڊسٽرڪٽ يوسي ڪلب جو خامتو آندو ۽ سمورا صحافي ڳڏجي پريس ڪلب ۾ ويٺا ۽ فوري طور تي جنرل باڊي جو اجلاس علي گل جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ علي گل سانگي کي صدر ۽ ايس اقبال بابو کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو.



Labels: